اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن پاڪستان ملڪ ۾ تقريبن 26 ڪروڙ بيلٽ پيپرز جي پهچ جو ڪم مڪمل ڪري ورتو، اليڪشن ڪميشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته 8 فيبروري تي ٿيندڙ اليڪشن جي لاءِ تقريبن 26 ڪروڙ بيلٽ پيپرز جي پهچ جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي، اي سي پي موجب اليڪشن ڪميشن ملازمن محدود وقت ۾ منظم منصوبابندي سان بيلٽ پيپرز جي پهچ جي ذميواري پوري ڪئي آهي، ترجمان موجب بيلت پيپرز پهچائڻ جو عمل زميني ۽ هوائي ٻنهي طريقن سان مڪمل ڪيو ويو آهي، تمام بيلٽ پيپرز، سرڪاري پريس ادارن سان لاڳاپيل ڊي آر اوز ۽ انهن جي نمائندن حوالي ڪيا ويا، ترجمان موجب ان عمل ۾ موسم جي خرابي جي ڪري ڏکيائيون ڏسڻيون پيون، تمام چئلينجز باوجود ڪميشن پهچ جو ڪم وقت تي پورو ڪري ورتو.