ديري اسماعيل خان ۾ دهشتگردن جو حملو، 10اهلڪار شهيد، 6 زخمي

ڊيرا اسماعيل خان ( م ڊ) ڊيرا اسماعيل خان ۾ ٿاڻي تي دهشتگردن جي حملي ۾ 10 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا جڏهن ته 6 زخمي ٿي پيا آهن.  پوليس جو چوڻ آهي ته رات دير سان ڊي آءِ خان جي تعلقي درابن جي چوڌوان ٿاڻي تي دهشتگردن حملو ڪيو. پوليس موجب، دهشتگردن جي حملي ۾ ڊيوٽي تي موجود 10 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 6 زخمي ٿي پيا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته شهيدن ۾ محمد اسلم، غلام فريد، محمد جاويد، محمد ادريس، محمد عمران، منصور، اي ايس آءِ ڪوثر، احترام سيد، رفيع الله ۽ حميد الحق شامل آهن. پوليس موجب، زخمين جي سڃاڻپ احمد حسين، اڪبر زمان، عنايت الله، سهراب خان، ابراهيم ۽ نصيب خان طور ٿي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته شهيدن جا مڙهه ۽ زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو. ذريعن موجب، واقعي کانپوءِ دهشتگرد فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.