ڪراچي( تجزيو: عدنان هاشمي) 2018 جي چونڊن ۾ باقاعدي حساب ڪتاب سان پي ٽي آءِ کي ايتري اڪثريت ڏياري وئي جو وفاقي حڪومت ٺاهي سگهي، ان وقت به ن ليگ ان پوزيشن ۾ هئي ته اها تخت لاهور تي پنهنجو جهنڊو لهرائي ها پر انهن کي حڪومت ڪرڻ نه ڏني وئي، ن ليگ تي جڏهن برو وقت آيو ته پارٽي متحد رهي. ٻئي طرف هر پاسي کان حاصل مدد باوجود پي ٽي آءِ هڪ واقعي کانپوءِ پاڻ کي سنڀالي ئي نه سگهي، ن ليگ مريم نواز سبب عوام ۾ پنهنجي جاءِ برقرار رکڻ ۾ ڪامياب رهي، هوڏانهن پي ٽي آءِ ۾ عمران خان کانسواءِ ٻي قيادت موجود نه هئي، ايندڙ چونڊن ۾ ظاهري طور ن ليگ ئي وفاق ۽ پنجاب ۾ حڪومت ڪرڻ وڃي رهي آهي. پي ٽي آءِ جتي اوچتو طاقتور ٿي مرڪز تائين پهتي، اتي ئي ماڻهو به ان کي تيزي سان چٿڻ چاهين ٿا، ڪيسن جي فيصلن ۾ تيزي جا ڪيترائي ڪارڻ آهن پر باخبر ڌرين ۾ چيو پيو وڃي ته ن ليگ ۽ پ پ، خاص طور نواز شريف اقتدار حاصل ڪرڻ کانپوءِ عمران خان خلاف ڪارروائيون ڪرڻ يا اسٽيبلشمينٽ جي فيصلن جو بار پاڻ کڻڻ کان انڪار ڪيو آهي، اهو ئي سبب آهي ته چونڊن کان اڳ تيزي سان ڪيسن کي اڪلايو پيو وڃي. هوڏانهن سبب اهو آهي ته رياست يا اصل طاقت رکندڙ عمران خان کي عبرت جو نشان بڻائڻ چاهين ٿا. عمران خان بي اعتمادي رٿ کانپوءِ جيڪو جلسن جو سلسلو شروع ڪيو هو، اهو آصف زرداري کي به مختلف لقبن سان نشانو بڻائي رهيو هو ۽ پردي پويان هو آصف زرداري کان مدد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، هاڻ به اهڙو ئي ڪجهه ٿي رهيو آهي ته هڪ پاسي عمران خان اسٽيبلشمينٽ کي اکيون ڏيکاري رهيو آهي ۽ ٻئي پاسي بشريٰ بي بي جو جيل بدران بني گالا ۾ رهڻ، ڊيل جو ئي نتيجو لڳي رهيو آهي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته سزا يافته هجڻ باوجود کيس اڊيالا نه بني گالا ۾ ڇو رکيو ويو آهي؟ هو جيڪڏهن نه چاهين ته ڪا به طاقت کين گهر ۾ رهڻ تي مجبور نه پئي ڪري سگهي، جڏهن هو اڊيالا جيل وئي ته ڏيڍ ڪلاڪ تائين ڪهڙيون ڳالهيون ٿينديون رهيون؟ ڇو مهانگي هوٽل مان نيرن گهرائي وئي؟ ڪير هو جنهن سان هوءَ نيرن ڪري رهي هئي ۽ پوءِ بني گالا ڇو هلي وئي؟ مريم نواز کي جڏهن گرفتار ڪيو ويو ته کيس به هائوس اريسٽ جي آڇ ڪئي وئي هئي پر هن انڪار ڪري ڇڏيو. ائين پ پ جي ته جيل ڪاٽڻ جي ڊگهي تاريخ آهي، جيڪا مرڪزي قيادت کان شروع ٿي ڪارڪن تائين پهچي ٿي.هيءَ خبر به تيزي سان گردش ڪري رهي آهي ته پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي چونڊون وڙهندڙ (آزاد) اميدوارن جي وڏي اڪثريت پنهنجو رُخ تبديل ڪرڻ جو ارادو ڪري چڪي آهي ۽ 9 فيبروري کان پي ٽي آءِ پنهنجا حمايت يافته ڪيترائي اميدوار وڃائي ڇڏيندي، جنهن کي هو هارس ٽريڊنگ يا غداري قرار ڏيندا. پي ٽي آءِ جو اڳوڻو اڳواڻ صداقت علي عباسي، جيڪو سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي، بابت ڪيترن ئي تجزئي نگارن جي اها دعويٰ آهي ته ايندڙ وقت ۾ هو جيڪي شاهديون ڏيندو، ان سان پي ٽي آءِ پارٽي طور مڪمل دفن ٿي ويندي، عمران خان ۽ ان جو ساٿ ڏيندڙ به محفوظ نه رهندا. بلاول ڀٽو زرداري تحريڪ انصاف جي ووٽرن جو ڌيان حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪي تقريرون ڪري رهيو هو، اهو شايد واڳ ڌڻين کي پسند نه آيون، ڪجهه ذريعن جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو زرداري کي پيغام پهچايو ويو آهي ته 9 مئي جي ذميوارن کي يا ته مظلوم سمجهو يا وري سزا جو حقدار سمجهو، وڪيٽ جي ٻنهي پاسن کان نه کيڏو.ڪراچي جي برسات پ پ جي ناقدن کي تنقيد جو موقعو ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن جو هو ڀرپور فائدو کڻندي نظر اچي رهيا آهن. شيخ رشيد جي دعويٰ هئي ته مان چينلز کي ريٽنگ ڏيندو آهي، مون کي غور سان ٻڌندڙ گهڻا آهن، هاڻ منٿن تائين اچي ويو آهي. ليگي ڌريون چون ٿيون ته پرويز مشرف جڏهن نواز شريف کي گرفتار ڪيو ته ان وقت اهو تاثر هو ته شايد نواز شريف کي ڦاهي ٿي وڃي ته بيگم ڪلثوم نواز شيخ رشيد وٽ هئي ته هن انتهائي بدتميزي سان چيو ته ”هي هاڻ جيئرو نه ايندو، وساري ڇڏيو ان کي“، ته ڪلثوم نواز روئندي لال حويلي مان نڪتي هئي، ان سبب ليگي ڪارڪن شيخ رشيد کان انتهائي نفرت ڪن ٿا ۽ هن وقت راولپنڊي ۾ انتهائي متحرڪ آهن. پر ان سڄي گوڙ گهمسان ۾ هڪ پارٽي مسلسل نظرانداز ٿي رهي آهي، جيڪا نه رڳو پنجاب پر ڪراچي ۾ به سرپرائز ڏيڻ جي اهليت رکي ٿي، هوءَ تحريڪ لبيڪ آهي، جنهن جي چونڊ مهم زورن سان جاري آهي، جماعت اسلامي ڪراچي تي گهڻي محنت ڪئي آهي پر پ پ کي شڪست ڏيڻ آسان نه هوندو، تحريڪ لبيڪ جو ووٽر ڪنهن ٻي پارٽي مان متاثر ٿيڻ وارو ناهي. خيبر پختونخواهه ۽ سنڌ ۾ سرپرائز جو امڪان آهي، جڏهن ته بلوچستان ۾ ن ليگ اقتدار سنڀاليندي نظر اچي رهي آهي.