پشاور(عوامي آواز نيوز)اڳوڻي بچاءَ واري سيڪريٽري ليفٽيننٽ جنرل (ر) نعيم خالد لوڌي جو چوڻ آهي ته 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن جي نتيجي ۾ حڪومت رڳو ڏيڍ سال هلي سگهندي.هڪ صحافي سان وڊيو ڪال تي ڳالهائيندي جنرل (ر) نعيم خالد لوڌي چيو ته منهنجي نظر ۾ اليڪشن ٿي چڪي آهي، هاڻي توهان کي صرف هڪ عمل مان گذرڻو آهي، ريت پوري ڪرڻي آهي، طاقت انهن وٽ ئي رهندي جن وٽ اڄ آهي، هن چيو ته جيڪڏهن خيبرپختونخواهه جو انتظام نه ڪيو ويو ته پوءِ گورنر راڄ لڳي سگهي ٿو، پنجاب ۾ لڳي رهيو آهي ته نواز ليگ ايندي، سنڌ ۾ پيپلز پارٽي ايندي،بلوچستان ۾ باپ(بلوچستان عوامي پارٽي) هوندي، منهنجي گارنٽي آهي ته ايندڙ حڪومت ڏيڍ سال ۾ هلي ويندي،هن چيو ته اهي چونڊون ٿي چڪيون آهن، هاڻي ٻيون حقيقي چونڊون ڪنهن نه ڪنهن وقت ڪرائڻيون پونديون، ان کانپوءِ سٺو ماحول ايندو ته اعتماد پيدا ٿيندو.هن چيو ته مان فوج جو وڏو آهيان، جيڪڏهن ننڍا منهنجي ڳالهه نٿا ٻڌن ته پوءِ ڪا ڳالهه ناهي، مان چوان ٿو ته باهه ۾ هٿ وجهندؤ ته سڙي ويندئو، هو چون ٿا ته هن ڀيري نه سڙنداسين، ڀلي هٿ وجهي ڏسو، مان پوئتي هٽي ٿو وڃان،هن وڌيڪ چيو ته ڏيڍ سال ۾ اهو سمورو سلسلو مڪمل ٿي ويندو، عوام کي به خبر پوندي، فوج کي به خبر پوندي، سياستدانن کي به خبر پوندي ته ڪير ڪٿي بيٺو آهي، ان کانپوءِ هڪ سٺي نئين موسم، نئون سج اڀرندو سڀ شيون واضح ٿي وينديون، هن وقت حجت پوري ڪرڻي آهي
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اڱارو 06 فيبروري 2024ع تي شايع ٿي