سنڌ ۾ چونڊ مواد سمورين پولنگ اسٽيشنن تي فراهم

ڪراچي ( رپورٽر) صوبائي اليڪشن ڪمشنر شريف الله خان پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اليڪشن  جون تياريون آخري مرحلي ۾ آهن، 19 هزار پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون،هن چيو ته چونڊ مواد سمورين پولنگ اسٽيشنن تي پهچايو ويو آهي، ھن چيو ته بيلٽ پيپرز جي ڇپائي مڪمل ڪري سمورن ڊي سيز کي موڪليا ويا آهن، ٽرانسپورٽ جا انتظام پڻ ڪيا ويا آهن، حساس پولنگ اسٽيشنن تي سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳايون ويون آهن،7 فيبروري تي مواد ريٽرننگ آفيسرن تائين پهچايو ويندو، نتيجا ميڊيا کي ڏيڻ لاءِ انتظام ڪيا ويا آهن، عوام کي آگاهه ڪيو وڃي ته هو ووٽ وجهڻ ۽ ضابطه اخلاق تي عمل ڪن،صوبائي اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي 6 هزار 5 سئو 24 پولنگ اسٽيشنن کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي، حساس ۽ انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن تي پاڪ فوج جا جوان به مقرر هوندا،هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پرزائيڊنگ آفيسر 2 وڳي تائين نتيجا ڏيڻ جو پابند آهي، جيڪڏهن نه ته هو ٻئي ڏينهن 10 وڳي نتيجا ڏئي سگهي ٿو،صوبائي اليڪشن ڪمشنر جو چوڻ آهي ته چونڊ مهم 6 فيبروري جي رات 12 وڳي ختم ڪئي ويندي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.