مري(م ڊ) نواز ليگ سربراهه ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي ۽ چور جي ڏاڙهي ۾ ڪک آهي، مون کي ڪڍندڙ جج اڄ پاڻ استعيفائون ڏئي گهر پيا وڃن، عوام سان گڏجي پاڪستان جي هڪ ڀيرو ٻيهر نئين سر تعمير ڪنداسين. ميان نواز شريف مري ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته مون کي ڪڍي ان ماڻهوءَ کي آندو ويو جنهن هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جو وعدو ڪيو، ڇا ڪنهن کي نوڪري ملي؟ اهي ڪٽا، مرغيون ۽ انڊا ڪيڏانهن ويا؟ هن چيو ته هڪ بلين ٽري جو ڪوڙ ڳالهايو ويو، اعلانيل 50 لک گهرن مان ڪنهن کي هڪ گهر به مليو؟ نواز شريف چيو ته هو 1950ع ۾ پيدا ٿيو ۽ پهريون ڀيرو مري 1956ع ۾ آيو، 1985ع ۾ وڏو وزير بڻيو ته سڀ کان پهرين پنڊي مري ميٽل روڊ ٺهرايو، مري جي هر رستي کان واقف آهيان. نون ليگ قائد چيو ته نواز شريف کي ڪڍڻ وارو تاحيات نااهل ٿي چڪو آهي ۽ نواز شريف عوام جي آڏو بيٺو آهي، جنهن مون کي ڪڍيو هو اڄ اهو پاڻ استعيفيٰ ڏئي گهر هليو ويو، اِهو همراهه اٺ مهينن کانپوءِ چيف جسٽس بڻجڻ وارو هو اڄ گهر وڃي رهيو آهي، تاحيات نااهل ڪيو ويو پر اڄ اوهان جي سامهون بيٺو آهيان. اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ آهي ته سندن دور ۾ ماني، گيهه، پيٽرول سڀ ڪجهه سستو هو ته پوءِ اوهان کيس ڇو ڪڍيو ويو، سندس جاءِ تي جنهن کي آندو ويو اهو چوندو هو ته هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيندس، ڇا ڪنهن کي نوڪري ملي؟ اِهي آنا ۽ ڪڪڙ ڪيڏانهن ويا؟ رڳي ڪوڙ ڳالهايو ويو. نواز شريف وڌيڪ چيو ته چون ٿا نوجوان طبقو انهن سان گڏ آهي، پر سڀ نوجوان ته هتي اسان سان گڏ آهن، نون ليگ پاڪستان کي ٻيهر تعمير ڪندي.