ٽنڊومحمد خان ۾ چونڊ سرگرميون تيز،اميدوارن جون ڊوڙون

اويس حيدر شورو

ٽنڊو محمد خان ضلعي جي هڪ قومي ۽ ٻن صوبائي تڪن تي پ پ ۽ آزاد اميدوار ميدان ۾ لٿل، ٻنهي صوبائي سيٽن تي زبرست مقابلي جا امڪان، پي ايس 66 تي پ پ اميدوار سيد اعجاز شاھ بخاري ۽ آزاد اميدوارن پير احمد سعيد جان سرهندي ۽ الطاف نظاماڻي وچ ۾ سخت مقابلو، پي ايس 67 تي پ پ جي خرم ڪريم سومرو، خادمين سنڌ جي اميدوار ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ آزاد اميدوار عبدالرحيم ڪاتيار وچ ۾ سخت مقابلي جا چٽا امڪان.

 2018 وارين چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جي سخت مخالفت ڪندڙ ۽ چونڊن ۾ سامهون بيهندڙ ڪيترن ئي اميدوارن به پيپلز پارٽي ۾ شموليت ڪري ڇڏي، اين اي 221 تي پيپلز پارٽي جي ساڳئي نامزد اميدوار سيد نويد قمر جيڪو 7 دفعا ساڳئي تڪ تان ايم اين اي چونڊجي چڪو آهي پاڪستان پيپلز پارٽي هن ڀيري به کيس ساڳئي تڪ اين اي 221 تي پ پ جو اميدوار نامزد ڪيو آهي، هن ڀيري ٽنڊو محمد خان ضلعي جي اين اي 221 تي پ پ اميدوار سيد نويد قمر، جي ڊي اي جي مير علي نواز، پاڪستان تحريڪ انصاف جو حمايت يافته اميدوار ڊاڪٽر عرفان نظاماڻي، خادمين سنڌ پارٽي جي ڊاڪٽر احمد نوناري، آزاد اميدوار لال بخش ملاح، تحريڪ لبيڪ جي محمد امين، پي ٽي آئي جي حمايت يافته آزاد اميدوار عبدالجبار ميمڻ وچ ۾ مقابلي ٿيڻ جا امڪان آهن. پر انهن ۾ ڪو مضبوط اميدوار نه هجڻ ڪري اين اي 221 تي پ پ جي اميدوار سيد نويد قمر سڪون سان پنهنجي چونڊ مهم هلائي رهيو آهي.

 جڏهن ته 2018 وارين عام چونڊن ۾ جتي پي ٽي آئي ۽ جي ڊي اي جو پ پ سان سخت مقابلو رهيو آهي. ان دوران به پ پ جو سيد نويد قمر 76077 کڻي ڪامياب ٿيو ۽ سندس مدمقابل جي ڊي اي جي اميدوار مير علي نواز ٽالپر 45169 ووٽ کڻي ٻي نمبر تي رهيو، هن ڀيري هن تڪ ۾ ڪجهھ صورتحال ڦيرو کاڌو آهي ۽ جي ڊي اي جي مير علي نواز ٽالپر ساڳئي تڪ اين اي 221 تان پنهنجي نامزدگي فارم جمع ته ڪرايا آهن  پر اڃان تائين هڪ به چونڊ مهم واري جلسي ۾ شامل ناهي ٿي سگهيو، جنهن ڪارڻ ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ هر عام ٿيندڙ چونڊن ۾ مير خاندان ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ زبردست آمهون سامهون مقابلا ٿيندا رهيا آهن پر هن ڀيري سندس ئي خاندان جي اڳوڻي سينيئر صوبائي وزير مرحوم مير اعجاز علي خان ٽالپر جي فرزند مير سجاد علي خان ٽالپر ۽ جي ڊي اي اميدوار مير علي حيدر ٽالپر پاران سيد نويد قمر جي ورتل ڪوششن سان ڪراچي ۾ پ پ جي ليڊيز ونگ جي مرڪزي اڳواڻ فريال ٽالپر سان ملاقات ڪري ٽنڊو محمد خان جي پ پ جي نامزد ٽنهي اميدوارن جي موجودگي ۾ پ پ جو مفلر پائي پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيوآهي، جنهن ڪري مير علي نواز ٽالپر جي خاموشي سواليه نشان بڻيل آهي. جيتوڻيڪ مير علي نواز ٽالپر جا ذريعا سندس فرزند جي شادي رٿيل هئڻ ڪري ورڪ وغيره نه ڪرڻ جو ٻڌائين ٿا.

صوبائي تڪ پي ايس 66 تي پ پ جي سيد اعجاز حسين شاھ بخاري جيڪو پڻ ٽيون ڀيرو ساڳئي تڪ تان چونڊ وڙهي رهيو آهي، سندس مقابلو آزاد اميدوارن پير احمد سعيد جان سرهندي ۽ الطاف نظاماڻي وچ ۾ آهي، گذريل چونڊن ۾ سيد اعجاز شاھ بخاري 32659 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو هو، جڏهن ته سندس مدمقابل رهندڙ جي ڊي اي جي اميدوار مير علي حيدر ٽالپر 20736 ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي الطاف نظاماڻي 13801 ووٽ کڻي سگهيا.

هن ڀيري ٻي نمبر تي ايندڙ جي ڊي اي جي اميدوار مير علي حيدر ٽالپر پ پ ۾ شموليت ڪرڻ کانپوءِ هاڻي تڪ جي صورتحال تقريبن تبديل ٿي چڪي آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان پيپلز پارٽي. ايم اين اي يا ايم پي اي شپ تي ٽنڊومحمد خان ضلعي جي هيڊڪوارٽر واري شهر مان اڪثر پولنگ اسٽيشنن تي پيپلز پارٽي جا اميدوار هارائيندا رهيا آهن. پر هن ڀيري مير خاندان ۽ پير خاندان پاران پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪرڻ کانپوءِ ٽنڊومحمد خان شهر ۾ صورتحال تبديل نظر اچي رهي آهي.

 پي ايس 66 تي مير خاندان جي مير علي حيدر جي پ پ ۾ شموليت کانپوءِ 20736 ووٽ هاڻي تقسيم ٿيڻ جو امڪان آهي. جنهن ۾ آزاد اميدوار پير احمد سعيد جان سرهندي ۽ پي ٽي آئي جي حمايت يافته اميدوار الطاف نظاماڻي کي پڻ وڌيڪ ووٽ ملي سگهن ٿا. جڏهن ته ٽنڊو محمد خان جي ٻي صوبائي تڪ پي ايس 67 بلڙي شاھ ڪريم تي پيپلز پارٽي هن ڀيري اڳوڻي ايم پي اي عبدالڪريم سومرو جي فرزند پ پ ضلعي جنرل سيڪريٽري خرم ڪريم سومرو کي پارٽي ٽڪيٽ ڏني آهي. جنهن جي سامهون پهريون ڀيرو سنڌ ترقي پسند پارٽي جو سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي خادمين سنڌ جي پليٽ فارم تان چونڊ وڙهي رهيو آهي، 2018 ۾ پي ايس 67 تي پ پ جي عبدالڪريم سومرو 32105 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي هئي، جڏهن ته ٻي نمبر تي جي ڊي اي جي عبدالڪريم ڪاتيار 19484 ووٽ کڻي سگهيو هو.ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ هڪ قومي تڪ اين اي 221 ۽ 2 صوبائي تڪ پي ايس 66 ۽ پي ايس 67 آهن، ضلعي ۾ ٽوٽل ووٽرن جو تعداد 3 لک 56 هزار 444 آهي. جنهن مان قومي تڪ اين اي 221 تي مرد ووٽرن جو تعداد هڪ لک 91 هزار 194 آهي ۽ عورت ووٽرن جو تعداد هڪ لک 65 هزار 250 آهي، جڏهن ته صوبائي تڪ پي ايس 66 تي مرد ووٽرن جو تعداد 98 هزار 499 آهي ۽ عورت ووٽرن جو تعداد 85 هزار 438 آهي، ٻي صوبائي تڪ پي ايس 67 تي مرد ووٽرن جو تعداد 92 هزار 695 آهن ۽ عورت ووٽرن جو تعداد 79 هزار 812 آهي ضلعي اندر ٽوٽل 298 پولنگ اسٽيشنون آهن. جنهن مان مرد ۽ عورت پولنگ اسٽيشن جو تعداد 76-76 آهي ۽ گڏيل 146 پولنگ اسٽيشنون آهن، جن مان 83 انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنون قرار ڏنيون ويون آهن. جڏهن ته حساس 192، نارمل 23 پولنگ اسٽيشنون قرار ڏنيون ويون آهن.

چونڊ جلسن دوران ۽ ڪارنر گڏجاڻين ۾ اميدوار ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ کير جون نديون وهائڻ جو دعوائون ڪري رهيا آهن. پر ڪيترائي ڀيرا چونڊجي آيل اميدوار عام ماڻهن جي تقدير بدلائي ناهن سگهيا. چونڊ گڏجاڻي دوران ڳالهائيندي اين اي 221 جي پ پ اميدوار سيد نويد قمر جو چوڻ آهي ته ٽنڊو محمد خان هميشه پ پ جو مضبوط قلعو رهيو آهي ۽ هر اليڪشن ۾ زبردست مقابلا ٿيا آهن پر هن جنرل اليڪشن 2024 ۾ پ پ لاءِ اهو اعزاز آهي ته سواءِ چند مخالفن کي ڇڏي باقي سمورين ڌرين پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت ڪري پ پ اميدوارن جي کلي حمايت ڪري ڇڏي آهي. جنهن ۾ ٽنڊو محمد خان جا مير ۽ پير خاندان، سعيدپور ٽڪر جا سيد شامل آهن. جنهن ڪري هاڻي پ پ جا ٽنهي تڪن تي آساني سان اميدوار وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪندا، پي ايس 66 جي پ پ اميدوار سيد اعجاز شاھ بخاري جو چوڻ هو ته پ پ گذريل 15 سالن ۾ عوام جي بي لوث خدمت ڪئي آهي اهو ئي سبب آهي جو هتان جي عوام هميشه پ پ جي اميدوارن کي ئي ڪامياب بڻايو آهي، علائقي جي عوام جي شڪايت رهي آهي ته هتي ڊرينيج جو نظام خراب آهي ڪوشش ڪنداسين ته ايندڙ حڪومت ۾ عوام جي اها شڪايت به ختم ڪريون،

 پي ايس 66 جي آزاد اميدوار پير احمد سعيد جان سرهندي چيو ته مون پ پ جي ناقص ڪارڪردگي جي ڪري يوسي لاکاٽ جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ميمبر جي سيٽ کي ٺوڪر هڻي عوام آڏو اچي چونڊ ۾ حصو وٺي رهيو آهيان ، پ پ مڪمل طور تي ٽنڊو محمد خان سان وڏي ناانصافي ڪئي آهي اين آءِ سي وي ڊي سميت مختلف ادارن ۾ مقامي نوجوانن کي نظر انداز ڪري ٻاهرين ماڻهن کي پئسن عيوض نوڪريون ڏئي شهر جي نوجوانن جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو ، اهو ئي سبب آهي جو پ پ جا اميدوار اڄ جنهن به علائقي ۾ وڃن ٿا ته اتان جو عوام منهنجا اٿاريل سوال کائين پچا ڪن ٿا.

تحريڪ انصاف جي حمايت يافته آزاد اميدوار الطاف نظاماڻي. تحريڪ لبيڪ جي پير محمد علي جان سرهندي چيو ته پ پ 15 سالن ۾ ٽنڊو محمد خان ضلعي کي تباهي جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو آهي، هنن ڪرپشن ۽ اقربا پروري کان سواءِ ٻيو ڪجهھ به ناهي ڪيو، تعليم ۽ صحت کي مڪمل تباھ ڪري ڇڏيو. پي ايس 67 جي اميدوار سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته پي ايس 67 بلڙي شاھ ڪريم سميت ٽنڊو محمد خان ضلعو منشيات جو عادي بڻجي ويو آهي ، نوجوان نسل آئيس ڪچو شراب ، چرس آفيم جو عادي بڻجي چڪو آهي ، پ پ جي دوري حڪومتن ۾ منشيات کي هٿي وٺرائي وئي ۽ سڄي تڪ کي مڪمل طور تي نظر انداز ڪري روڊ رستن ، تعليم ، صحت ۽ ڊرينيج سيوريج سسٽم کي من پسند ٺيڪيدارن کي ٺيڪا ڏئي سسٽم ناڪارا تباھ ڪيو ويو آهي ، ٽائون ۽ ميونسپل ڪميٽين جا پئسا پ پ اميدوار اليڪشن تي خرچ ڪري چونڊ مهم هلائي رهيا آهن، اليڪشن ڪميشن کي فورن ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.

سمورا اميدوار پنهنجي ڪاميابي جي دعوا  ته ڪري رهيا آهن پر خبر هاڻي 8 فيبروري تي پوندي ته ڪير ٿو چونڊن ۾ ڪامياب ٿي اچي.  ڪنهن کي عوام ووٽ ڏئي ايوان تائين پهچائي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.