ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪمشنر سنڌ شريف الله چيو آهي ته سنڌ ۾ ٻه ڪروڙ کان وڌيڪ ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا، صوبي ۾ 19 هزار 8 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن.
پنهنجي بيان ۾ اليڪشن ڪمشنر سنڌ چيو ته سڀني ضلعن ۾ سامان پهچايو ويو آهي، سمورو سامان 7 فيبروري تي پولنگ اسٽيشنز ۾ پهچايو ويندو.
هن چيو ته سيڪيورٽي جي حوالي سان سنڌ حڪومت سان رابطي ۾ آهيون، سڀني حساس پولنگ اسٽيشنز ۾ ڪئميرائون لڳايون ويون آهن.
سندس چوڻ هو ته انٽرنيٽ بند ڪرڻ جو فيصلو حڪومت ڪندي آهي، پولنگ واري ڏينهن انٽرنيٽ بند هوندي ته امن امان سبب هوندي.
You might also like