بلوچستان ۾ دهشتگردي جو خطرو، چونڊ جلسن ۽ ميڙاڪن تي پابندي لاڳو

ڪوئيٽا (م ڊ ) بلوچستان حڪومت جلسن، ميڙاڪن ۽ چونڊ اجتماعن تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. ڪوئيٽا جي ڊپٽي ڪمشنر چونڊن ۾  حصو وٺندڙ اميدوارن کي خط لکندي سيڪيورٽي خدشن تي عوامي اجتماعن کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. سيڪيورٽي ايڊوائزري ۾ ڪوئيٽا مان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽن تي چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن کي جاري ڪندي سيڪيورٽي خدشن تي عوامي اجتماعن کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ڪوئيٽا جي ڊپٽي ڪمشنر شڪ خدشو ظاهر ڪيو آهي ته دهشتگرد عوامي اجتماع کي نشانو بنائي سگهن ٿا. اميدوارن کي درخواست آهي ته غير ضروري عوامي اجتماع منعقد نه ڪن. ٻئي پاسي نگران اطلاعات واري وزير جان اچڪزئي ٽوئٽر تي پيغام ۾ چيو آهي ته ڪوئيٽا ۾ عورت آپگهاتي حملي آور جي موجودگي جو ٿريٽ الرٽ موجود آهي. ٿريٽ الرٽ کي نظر ۾ رکندي عوامي جلسن ۽ چونڊ اجتماعن تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. جان اچڪزئي موجب صوبي جي مختلف علائقن ۾ حساس پولنگ اسٽيشنن تي انٽرنيٽ سروس عارضي طور تي بند ڪئي ويندي. صوبائي سڌ سماءَ واري وزير چيو ته خدشو آهي ته دهشتگرد فيس بڪ، ٽوئيٽر ۽ ٻين سوشل ميڊيا پليٽ فارمن کي رابطي جي مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهن ٿا. خطري کي گهٽ ڪرڻ لاءِ تربت، مچن ۽ چمن سميت انهن علائقن ۾ چونڊون ٿيڻ تائين انٽرنيٽ جي پهچ تي پابندي هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.