سيوهڻ ( ن ع آ ) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي سينيئر اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته جيڪڏهن نواز شريف چوٿون ڀيرو وزيراعظم ٿيو ته ملڪ جون حالتون خراب ٿي وينديون، شرجيل ميمڻ سيوهڻ ۾ لعل شهباز قلندر جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ اڳواڻ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري سڄي ملڪ ۾ چونڊ مهم هلائي رهيو آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جو اصل مقابلو مسلم ليگ ن سان آهي، ن ليگ بلوچستان ۽ سنڌ ۾ هڪ به جلسو نه ڪري سگهي آهي، ثابت ٿي ويو ته ن ليگ رڳو هڪ صوبي تائين محدود ٿي وئي آهي. شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته ن ليگ رڳو هڪ صوبي تائين محدود آهي، جيڪڏهن نواز شريف چوٿون ڀيرو وزيراعظم ٿيو ته ملڪ جون حالتون خراب ٿي وينديون. هن چيو ته جي ڊي اي چونڊون ضرور وڙهندي، پر اهي ٻڙي هوندا. اهي رڳو چونڊن دوران جاڳندا آهن. ھن وڌيڪ چيو ته اليڪشن کانپوءِ فيصلو ٿيندو ته ڪنهن سان اتحاد ڪرڻو آهي، ڪراچي مان برسات جو پاڻي نيڪال ڪيو ويو آهي، هن وقت شهر ۾ پاڻي جو ھڪ ڦڙو به ناهي رھيو.