اليڪشن ڪميشن نگران حڪومت کي پي آءِ اي جي نجڪاري کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد(م ڊ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان نگران حڪومت کي فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ۾ سڌارا آڻڻ ۽ پاڪستان انٽرنيشنل  ايئر لائنز (پي آءِ اي) جي نجڪاري کان روڪي ڇڏيو آهي.سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن نگران وزيراعظم جي سيڪريٽري ۽ ڪيبينيٽ ڊويزن جي سيڪريٽري کي خط لکي ڇڏيو آهي.نگران وزيراعظم جي سيڪريٽري کي لکيل خط ۾ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ڊاڪٽر آصف حسين لکيو آهي ته نگران حڪومت ايف بي آر ۾ سڌارا نه آڻي، اهو ڪم چونڊن کانپوءِ قائم ٿيندڙ چونڊيل حڪومت تي ڇڏڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.