”را“ جا ايجنٽ آهيون ته پ پ اتحاد ڇو ڪندي آهي؟حيدر عباس رضوي

ميرپورخاص(رپورٽ:صالح اوٺو) حيدر عباس رضوي ميرپورخاص ۾ منعقد ڪيل ايم ڪيو ايم جي جلسي کي خطاب  ڪندي چيو آھي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري الزام هنيو آھي ته ايم ڪيو ايم را جي ايجنٽ آھي آءُ کيس ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته آءُ سمجهندو هئس ته اوهين ٻين کان مختلف هوندا پر اوهان جي الزام سان ڏک پهتو اوهان الزام هنيو آھي ته جواب ٻڌو جهاز اوهان جي وڏن هاءِ جيڪ ڪيو، پاڪستان تي حملو ڪرڻ لاءِ انڊيا کي اوهان چيو گهڻو ڪجهھ چوڻ لاءِ آھي, جنهن تي الزا هنيو اوهان انهن سان هڪ سال اڳ معاهدو ڪيو جيڪڏھن اسين را جا ايجنٽ آھيون ته پوءِ ايم ڪيو ايم سان ڇو ويهندا آھيو پنهنجن مفادن لاءِ گڏبا آھيو وقت نڪرڻ بعد الزام هڻندا آھيو 8  فيبروري کان پوءِ به وري ايم ڪيو ايم کان مدد گهرندي نظر ايندا، ايم ڪيو ايم ملڪ جي وفادار آھي الزامن کان پاسو ڪيو جواب ٻڌي نه سگهندا, هن چيو پ پ سنڌ جي عوام کي مايوس ڪيو 22  هزار ارب وفاق کان سنڌ کي مليا اهي ڪيڏانهن ويا ان جو حساب ڏيو اوهان ڪرپشن ڪري سنڌ کي موئن جو دڙو بڻائي ڇڏيو آھي هن چيو ته سنڌ جي ڪڻڪ ڪئا کائي ويا يا خراب ٿي ويئي ڪئا ٻيا ڪير نه پر سنڌ جا وزير مشير هئا ٻوڏ آئي ته سنڌ جا غريب پريشان ٿيا اڄ عوام کي 50 لک گهر ٺاهي ڏيڻ جا ڪوڙا واعدا ڪري رهيا آھن جلسي ۾ آزاد اميدوار طور بيٺل ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي زونل انچارج مجيب الحق ۽ وڪيل عدنان خرم  صوبائي تڪ پي ايس 45 تي ايم ڪيو ايم جي اميدوار ڊاڪٽر ظفر ڪمالي جي حمايت جو اعلان ڪيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.