عدت ڪيس فيصلي تي افسوس آهي،آصف زرداري صدارت جو اميدوار هوندو:بلاول

ڪراچي(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته چونڊن کانپوءِ صدر جي عهدي لاءِ پيپلز پارٽي جو اميدوار  آصف علي زرداري هوندو.نجي ٽي وي کي  ۾ انٽرويو ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چونڊن کانپوءِ پيپلز پارٽي وزيراعظم، صدر، سينيٽ چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر لاءِ پنهنجا اميدوار نامزد ڪندي.هن چيو ته مسلم ليگ (ن) سڄي ملڪ کي هارائي رهي آهي، مريم نواز جو خواب آهي ته هو وڏي وزير يا وزيراعظم بڻجي.بلاول ڀٽو زرداري تصديق ڪئي ته آصف زرداري صدارتي اميدوار هوندو.پيپلز پارٽي جي چيئرمين متحده قومي موومينٽ پاڪستان تي به تنقيد ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم پنهنجي شڪست ڏسي رهي آهي، ان ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر پرتشدد واقعن تي سياست ڪري رهي آهي.بلاول ڀٽو بشریٰ بي بي خلاف عدت نڪاح ڪيس جي فيصلي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته سياست ۾ ايترو پري نه وڃڻ گهرجي،مون لاءِ ان فيصلي جي حمايت ڪرڻ گهڻي مشڪل آهي، جهڙي طرح عدت نڪاح ڪيس تي ميڊيا رپورٽنگ ڪري رهي آهي مان ان جو حصو نٿو بڻجڻ چاهيان، هن چيو ته عورتن جي حقن جي تحفظ لاءِ ماضي ۾ ڪيل ڪوششن تي به ان فيصلي سان ناڪاري اثر پئجي سگهن ٿا، هن چيو ته توشا خاني ۽ سائفر تي منهنجو واضح موقف آهي پر عدت دوران نڪاح جي ڪيس ۾ سزا ملڻ تي حيران ۽ افسوس ٿيو آهيان.

حيدرآباد(رپورٽ: حسيب لطيفي) پاڪستان پaيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، حيدرآباد جي عوام کي مخالب ٿيندي چيو آھي تھ /ڏسو صفحو 7 ڪالم 3جيڪڏھن توھان کي ڪير لغڙ تي ووٽ ڏيڻ جو چوي تھ توهان جواب ڏجو اسان “پاڪستان مردا باد” واري نعري تي تاڙيون وڄائڻ وارن ۽ را کان پئسا وٺي پاڪستان ۾ سياست ڪندڙن کي ووٽ ناهيون ڏيندا، تاري تي ووٽ ڏيڻ جي لاءِ چيو وڃي تھ جواب ڏجو تھ اسان کي تارا تھ رڳو آسمان ۾ سٺا لڳندا آھن، ڪنهن آزاد اميدوار کي ووٽ ڏئي پنهنجو ووٽ ضايع ڪرڻ بجاءِ توھان کي اهو چوڻو پوندو تھ اسان کي شينهن جو رستو روڪڻو آهي، چوٿون ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ واري سازش کي ناڪام ڪرڻو آھي، ڪتاب تي ووٽ ڏيڻ جو چيو وڃي تھ توھان جو جواب ھجي تھ جيڪي ماڻهو مذهب جي بنياد تي اسان کي ورهائڻ چاهين ٿا اسان انهن جو نه پر تير جو ساٿ ڏينداسين. اھڙن خيالن جو اظھار ھن ڪالھھ چونڊ مھم جي سلسلي ۾ حيدرآباد جي علائقي حسين آباد ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو اسپورٽس ڪامپليڪس گرائونڊ تي منعقد ڪيل جلسي عام کي خطاب ڪندي ڪيو، جلسي عام ۾ وڏي انگ ۾ پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن شرڪت ڪئي، جڏھن تھ عورتن جو وڏو انگ پڻ موجود ھو. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري چيو تھ آئون حيدرآباد جي عوام جو شڪرگذار آهيان جن منهنجو ساٿ ڏئي مڪاني چونڊن ۾ ڪاميابي ڏياري جيالو ميئر چونڊرايو. ھن چيو تھ جنهن شهر سڀ کان وڌيڪ نفرت ۽ تشدد جي سياست ڏٺي آهي اهو حيدرآباد آهي، حيدرآباد جو عوام ان سياست کي ڏسندي رهيو آهي ۽ نقصان بھ برداشت ڪندو رهيو آهي، ھتان جي عوام قربانيون بھ ڏنيون آهن، پر هن شهر جا پرامن ماڻهو ڪڏهن پوئتي نه هٽيا آهن، انھن ماڻھن ڪنهن ظالم، آمر ۽ يزيد جي سامهون پنهنجو سر ناهي جهڪايو، ان ڪري آئون توهان کي سلام پيش ڪيان ٿو. هن چيو تھ چونڊن ۾ پيپلزپارٽي سان جيڪي جماعتون مقابلو ڪري رهيون آهن توهان انهن کي چڱي طرح سڃاڻو ٿا، توهان انهن جي اصليت ۽ ماضيءَ جي باري ڄاڻو ٿا، توهان تاريخ ڄاڻو ٿا تھ انھن هن شهر سان ڇا ڇا نھ ڪيو آهي، 90ع جي ڏهاڪي ۾ هنن ڇا ڪيو ھو، اهو سڀ توهان جي سامهون آهي، انهن جي سياست جي طريقيڪار بابت توهان کي خبر آهي، ان ڪري حيدرآباد جي عوام کي اپيل ڪندس تھ هو جڏهن بيلٽ پيپر تي ووٽ ڏين تھ انهن پارٽين جي سياست ۽ ماضيءَ جو ضرور جائزو وٺن ۽ سوچين تھ انهن جي مقابلي ۾ پيپلزپارٽي جي سياست ڇا آهي. هن چيو تھ اسان جو مخالف رڳو نفرت جي سياست ئي ڄاڻي ٿو، ڪو توهان کي مذهب، ڪو لسانيت ۽ ڪو وري فرقيواريت جي بنياد تي ورهائڻ چاهي ٿو، پيپلزپارٽي اها واحد جماعت آهي جيڪا بنا ڪنهن فرق جي توهان جي خدمت ڪرڻ چاهي ٿي ۽ نفرت جي سياست کي دفن ڪرڻ ٿي چاهي، اسان عوام جي اصل مسئلن مهانگائي ۽ غربت جو مقابلو ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان توهان سان گڏجي هن شهر، صوبي ۽ ملڪ کي جوڙي سمورن مسئلن جو مقابلو ڪرڻ چاهيون ٿا، توهان جي ووٽ ۽ مدد سان نھ صرف مقابلو ڪنداسين، پر فتح توهان ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي ٿيندي. هن چيو تھ توهان کي ووٽ جي طاقت سان نفرت جي سياست کي دفن ڪرڻو آهي. هن چيو تھ هڪ جماعت هن شهر ۾ نفرت جي سياست ڪري رهي آهي تھ ٻي جماعت سڄي ملڪ ۾ نفرت جي سياست ڪري رهي آهي، انهن سياست کي ذاتي دشمني ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، اهي صرف ذاتي انتقام وٺڻ ڄاڻن ٿا، جنھن ڪري نقصان هن ملڪ جي جمهوريت، معيشيت ۽ وفاق جو ٿي رهيو آهي، اهڙي سياست ڪندڙن ڪو بھ فڪر ناهي، انهن کي صرف چوٿون ڀيرو ڪرسي تي ويهڻ جو فڪر آهي. بلاول ڀٽو زرداري پنهنجو 10 نقاتي عوامي معاشي ايجنڊا ڏيکاريندي چيو تھ جيڪڏهن توهان مونکي پنهنجو وزيراعظم بڻايو ۽ اسان وفاقي حڪومت ٺاهي تھ هن 10 نقاتي ايجنڊا کي پورو ڪندس، پاڪستان جي عوام جي آمدني ۾ نھ صرف اضافو ڪندس پر ان کي ٻيڻو ڪري ڏيکاريندس، عوام جي لاءِ 30 لک گهر ٺاهي ڏيندس ۽ مالڪاڻا حق انهن گهرن ۾ رهندڙ عورتن کي ڏيندس، عوام کي 300 يونٽ بجلي مفت سولر جي ذريعي ڏينداسين، عورتن جو خيال رکندس، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ نھ صرف اضافو ڪنداسين، پر بنا وياج جي قرض انهن عورتن کي ڏينداسين تھ جيئن ھو پنھنجو ڪاروبار ڪري سگھن. ھن چيو تھ پيپلزپارٽي جي وفاقي حڪومت ٺهندي ته عورتن سان گڏ انهن نوجوان ڀينرن ۽ نوجوان ڇوڪرن جي لاءِ بينظير يوٿ ڪارڊ آڻينداسين جيڪي روزگار جي لاءِ پريشان آهن، هر مزدور کي بينظير مزدور ڪارڊ ڏينداسين، هارين جي لاءِ بينظير هاري ڪارڊ آڻي يونين ڪائونسل سطح تي بک ختم ڪريو پروگرام تحت انتظام ڪنداسين ۽ اسڪولن ۾ پنهنجن ٻارن کي ماني کارائينداسين، هر ضلعي ۾ يونيورسٽي ۽ معياري صحت جون سهولتون فراهم ڪنداسين. هن چيو تھ توهان پڇي رهيا هوندا تھ اهو سڀ ڪجهه ڪيئن ممڪن ٿيندو ۽ پئسو ڪٿان ايندو، ان لاءِ اسان 17 وفاقي وزارتون ختم ڪنداسين جيڪي 2015ع ۾ صوبن جي حوالي ٿيڻيون هيون، جن تي ساليانو 300 ارب رپيا خرچ ٿئي ٿو، اشرافيا کي ساليانو هڪ هزار 500 ارب رپين جي سبسڊي ڏني وڃي ٿي، اسان اهو فيصلو ڪيو آهي تھ اشرافيا کان اها سبسڊي ڦري اهو سمورو پئسو عوام، مزدورن، نوجوانن، هارين، عورتن ۽ ٻارڙن تي خرچ ڪنداسين. هن چيو تھ هاڻ مقابلو پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ جو ٿي ويو آهي، ان ڪري پنهنجو ووٽ ضايع نھ ڪريو، جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا تھ شينهن جو رستو رڪيون ۽ چوٿون ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ واري سازش کي ناڪام ڪيون تھ پوءِ ان لاءِ توهان کي تير تي ٺپو هڻڻو پوندو، توھان تير تي ٺپو هڻي سياسي انتقام کي دفن ڪريو، تير تي ٺپو هڻي بک، مهانگائي ۽ بيروزگاري جو خاتمو آڻيو. بلاول ڀٽو زرداري حيدرآباد جي ٽن قومي ۽ 6 صوبائي اسيمبلي جي سيٽن تي پ پ جي ٽڪيٽ تي چونڊون وڙهندڙ اميدوارن کي اسٽيج تي سامھون بيهاري قسم کڻايو تھ جيڪڏهن حيدرآباد جي عوام توهان کي ووٽ ڏنو ۽ 8 فيبروري تي کٽڻ کانپوءِ توهان کي عوام جي خدمت ڪرڻي آهي، انهن جي ڳالھھ ٻڌڻي آهي، روزگار ڏيڻو آهي تھ هن عوام کي ڏيڻو آهي، پنهنجن مائٽن ۽ چاهيندڙن کي ناهي ڏيڻو. بلاول ڀٽو زرداري جلسي ۾ موجود ماڻهن کان بھ واعدو ورتو تھ توھان 8 فيبروري تي تير تي ٺپو هڻندا. بلاول چيو ته هڪ ڪلاڪ ۾ 75 ملي ميٽر برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ خوش آئند آهي، ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب ۽ سندس ٽيم جي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي آهي. هن چيو ته اليڪشن ۾ ڪجهه ڏينهن بچيا آهن، سڀني کي ڏينهن رات ڪم ڪرڻو آهي، توهان کي حيدرآباد جي عوام کي ٻڌائڻو پوندو ته مقابلو پ پ ۽ (ن) ليگ وچ ۾ آهي، جيڪڏهن توهان شينهن کي روڪڻ ۽ شينهن جو شڪار ڪرن چاهيو ٿا ته پوءِ توهان کي تير تي ٺپو هڻڻو پوندو، توهان پيپلز پارٽي کي ڪامياب ڪرايو ته آئون شينهن جو بندوبست ڪندس. ان موقعي تي سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ خطاب ڪندي چيو تھ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گذريل ٽن مھينن کان چئني صوبن جا دورا ڪري پنھنجو منشور عوام کي ٻڌائي رھيو آھي، 8 فيبروري تي سڄي ملڪ مان پيپلزپارٽي جا اميدوار ڪامياب ٿيندا ۽ پيپلزپارٽي حڪومت ٺاھيندي، حيدرآباد مان بھ پيپلزپارٽي جا سمورا اميدوار ڪامياب ٿيندا. ھن ايم ڪيو ايم جو نالو وٺڻ کانسواءِ سندن جلسي جو ذڪر ڪيو تھ ڪجھھ ڏينھن اڳ حيدرآباد ۾ ھڪ جلسو ٿيو ھو ۽ جلسو ڪندڙن چيو پئي تھ اسان وڏو جلسو ڪري ورتو آھي، پر اھو جلسو نھ پر جلسي ھئي. ھن چيو تھ سنڌ ۾ 2022ع ۾ ٻوڏ  آئي تھ بلاول ڀٽو زرداري پنھنجن ماڻھن سان گڏ ھو، حيدرآباد وارن اڄ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آھي تھ جيئن ميئر چونڊرايو ھو تيئن حيدرآباد مان پيپلزپارٽي جا سمورا اميدوار بھ ڪامياب ٿيندا. ھن چيو تھ اسان جو امپائر عوام آھي ۽ اسان جي ڳالھھ ٻولھھ بھ عوام سان ٿي رھي آھي، جلسي ۾ اڳوڻو صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ  ٻيا اڳواڻ پڻ موجود ھئا، جڏھن تھ اڳوڻي صوبائي وزير ڄام خان شوري، پ پ ضلعي حيدرآباد جي صدر صغير قريشي، علي محمد سھتي، شگفتھ جماڻي، طارق شاھھ ڄاموٽ، وسيم راجپوت، جبار خان، عاجز ڌامرھ، راول شرجيل انعام ميمڻ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.