ڪراچي (م ڊ ) امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته هڪ وسڪاري ۾ سڄو شهر پاڻي هيٺ اچي ويو، پيپلز پارٽي سان گڏ ايم ڪيو ايم به ان ڏوهه ۾ برابر جي شريڪ آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته شهر ۾ رات جي وقت 52 ملي ميٽر برسات پئي ۽ شهر پاڻي هيٺ اچي ويو، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ وڌيڪ برساتون ٿيون پر زندگي هلي ٿي، ڪراچي ۾ هڪ وسڪاري کانپوءِ زندگي رڪجي وئي، ڪالهه جي برسات پيپلز پارٽي جي ڪارڪردگي ڏيکاري ڇڏي، پ پ اليڪشن مهم تي اربين رپيا خرچ ڪري رهي آهي. هن چيو ته ڪي ايم سي پنهنجي ذميواري پوري نه ڪئي، اسان جا ڪائونسلر روڊن تي بيهي رهيا، ڪائونسلر هدايت کان اڳ ئي روڊن تي بيٺا هئا، سڄو شارع فيصل پاڻي ۾ ٻڏي ويو، ماڻهو رات جو ٽي وڳي تائين گهرن ڏانهن پهتا. امير جماعت اسلامي ڪراچي چيو ته ايم ڪيو ايم پيپلزپارٽي سان ڏوهن ۾ شريڪ آهي، ايم ڪيو ايم مينڊيٽ ويڙهاڪن کي وڪڻي ڇڏيو، ايم ڪيو ايم دعويٰ ڪندي هئي ته ان کي ڪنهن جي حمايت جي ضرورت ناهي، اڄ 10 پارٽين جي حمايت کانپوءِ به ڪجهه حاصل نه ٿيندو.