ڪراچي (م ڊ ) ڪراچي جي ميئر مرتضي وهاب چيو آهي ته ڪراچي ۽ لاهور جي ڀيٽ لاءِ تيار آهيان، اسان ڪوڙا وعدا ناهن ڪيا، ڪم ڪيو آهي، خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي ڪراچي جي ميئر چيو ته گذريل رات ڪلائوڊ برسٽ ٿيو هو، ايتري برسات جي اميد نه هئي، رسپانس ٽائيم ۾ دير ٿي پر عملي گرائونڊ تي موجود هو، 35 منٽن ۾ 75 ملي ميٽر برسات ٿي، جماعت اسلامي جو ڪو به چيئرمين نظر نه آيو. ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب پڻ برسات کانپوءِ مختلف علائقن جو دورو ڪيو ۽ نيڪال جي ڪم جو جائزو ورتو. هن نگران وڏي وزير سنڌ کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ايم اي جناح روڊ ۽ آءِ آءِ چندريگر روڊ سميت لياري جي ڪجهه علائقن ۾ پاڻي بيٺل آهي، واٽر بورڊ جون مشينون لڳائي برساتي پاڻي جي نيڪال جو ڪم ڪيو پيو وڃي.