برساتي صورتحال:وڏو وزير ٽائون چيئرمينن، ڊي آءِ جي ٽريفڪ ۽ پي ڊي ايم اي جي ڪارڪردگي تي ڪاوڙيل

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ڇنڇر شام جو تيز برسات بعد شهر ۾ بدانتظامي بعد سنڌ جي  نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر وقت تي انتظامي قدم نه کڻڻ ۽ عوام کي تڪليف پهچائڻ تي ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل (ٽريفڪ)   پوليس ۽ صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (PDMA)پي ڊي ايم اي  جي ڊائريڪٽر جنرل کي ناراضگي جا خط جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. نگران وڏي وزير جي سمورن شهري ادارن، لوڪل باڊيز، پي ڊي ايم اي، ٽريفڪ پوليس ۽ واٽر بورڊ کي هدايت ڪئي ته تيز برساتن واري صورتحال کي ڏسندي بهتر ريت اپاءَ ورتا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته شهر جي سمورن وڏن ۽ ننڍن شاهراهن جي صفائي لاءِ ضروري قدم کنيا ويندا. هن اهي هدايتون وزيراعليٰ هائوس ۾ برسات جي حوالي سان هڪ هنگامي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏنيون. اجلاس ۾ سڌ سماء واري صوبائي وزير احمد شاهه، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، آءِ جي پوليس رفعت مختار، ڪمشنر ڪراچي سليم راجپوت، واٽر بورڊ جي سي اي او صلاح الدين ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب نگران وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته شهر ۾ ڪڪرن جي وسڻ سبب اهم شاهراهون پاڻي هيٺ اچي ويون آهن. هن وڌيڪ چيو ته هن واٽر بورڊ جي سي اي او صلاح الدين سان گڏ مختلف اسٽام واٽر ڊرين جو دورو ڪيو جن کي جزوي طور پلاسٽڪ شاپر بيگز سان بلاڪ ٿيل هيون. هن نگران وڏي وزير کي ٻڌايو ته شاهراهه فيصل تي ڪجهه وڏا نالا خاص طور تي نرسري ايريا، ڊرگ روڊ، اولڊ سٽي ايرياز، آءِ آءِ چندريگر روڊ گهربل گنجائش سان نه وهي رهيا هئا، ان ڪري هن نه رڳو انهن جي صفائي ڪئي پر واٽر بورڊ جي مشينري کي هيٺئين علائقن مان بيٺل پاڻي  کي ڪڍڻ لاءِ نصب ڪيو ويو.  نگران وڏي وزير ڊي آءِ جي ٽريفڪ جي غير حاضري جو سخت نوٽيس ورتو جڏهن ته شهر جي سمورن وڏن شاهراهن تي ٽريفڪ بلاڪ ٿيل هئي. هن وڌيڪ چيو ته ٽريفڪ پوليس بروقت ٽريفڪ جو انتظام ڪرڻ ۾ ناڪام وئي جنهن سبب شهري سخت پريشاني کي منهن ڏنو. جسٽس (ر) مقبول باقر انسپيڪٽر جنرل پوليس رفعت مختار کي هدايت ڪئي ته ڊي آءِ جي ٽريفڪ کي ناراضگي جو خط جاري ڪري سندس ناراضگي کان آگاهه ڪيو وڃي. اجلاس دوران ڏٺو ويو ته پي ڊي ايم اي بروقت جواب ڏيڻ ۾ ناڪام رهي. هنن پمپنگ ۽ ٻيون مشينون تمام دير سان موڪليون، جنهن ڪري هيٺاهين وارن علائقن مان پاڻي بروقت نه ڪڍي سگهيو. نگران وڏي وزير چيو ته پي ڊي ايم اي جي ڊائريڪٽر جنرل کي مڪاني ادارن جي مدد لاءِ روڊن تي موجود هجڻ کپي ها. نگران وڏي وزير هدايت ڪئي ته هو ڊي جي پي ڊي ايم اي کي ناراضگي جو خط جاري ڪري ۽ کيس هدايت ڪئي ته هو مڪاني ادارن کي فعال مشينري جي فراهمي کي يقيني بڻائي. اجلاس ۾ اهو به ڏٺو ويو ته اڪثر ٽائون چيئرمين رين ايمرجنسي دوران سندن علائقن جي خدمت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا. نگران وڏي وزير چيو ته هي هڪ ناقابل قبول عمل آهي، سمورن چونڊيل مڪاني چيئرمينن ۽ ڪائونسلرن کي گهرجي ته هو سندن  علائقن ۾ عوام ۽ ٻين ادارن سان ڀرپور سهڪار ڪن. ان کان اڳ نگران وڏي وزير ڪمشنر آفيس ۾ قائم ڪنٽرول روم جو دورو ڪيو جتي ڪمشنر ڪراچي سليم راجپوت نگران وڏي وزير کي برسات جي هنگامي صورتحال ۽ 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن جي تيارين بابت بريفنگ ڏني. نگران وڏو وزير ڪمشنر آفيس جو دورو ڪرڻ بعد سي پي او پهتو، جتي هن ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول روم جو معائنو ڪيو. آءِ جي پوليس رفعت مختار کين سي سي ٽي وي لائيو ڪوريج ذريعي مختلف علائقا ڏيکاريا جتي پاڻي صاف ڪيو ويو ۽ ڪجهه هنڌن تي واٽر بورڊ، سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ ۽ ڪي ايم سي جو عملو مشينري ذريعي نيڪال جو ڪم ڪري رهيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.