مرتضيٰ وهاب جي ڪارڪردگي مان بلاول خوش

حيدرآباد (رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مرتضيٰ وهاب ۽ سندس ٽيم جي ڪارڪردگي ساراهه  جوڳي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب جي ڪارڪردگي تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته شهر مان برسات جو پاڻي نيڪال ڪيو ويو آهي. هن چيو ته هڪ ڪلاڪ ۾ 75 ملي ميٽر برسات ٿي، صبح تائين روڊن تان پاڻي نڪري ويو.  هن چيو ته ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جي سموري انتظاميا ۽ ميئر کي شهرين جي خدشن جو خيال رکڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪراچي شهر جي خدمت ڪرڻ ۽ شهرين جا مسئلا حل ڪرڻ مڪاني ادارن جي نمائندن جي پهرين ترجيح هجڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.