جبري گمشدگيون بلوچستان، ڪي پي ۾ ٿين ته ٺيڪ، پنجاب ۾ ٿين ته مسئلو آهي: جسٽس اطهر من الله

لنڊن(م ڊ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪيترائي ڀيرا آئين کي ٽوڙيو ويو پر آئين جي ٽوڙڻ تي ڪنهن جو به احتساب نه ٿي سگهيو.اهڙن خيالن جو اظهار هن لنڊن ۾ فيوچر آف پاڪستان ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته عدليه جيڪو ڪيو. اسان ان جو دفاع نه ڪنداسين پر اميد آهي ته نوجوان مثبت تبديلي آڻيندا.جسٽس اطهر من الله  چيو ته عدالت جو امتحان آهي ته عوام جو ڀروسو بحال رهي، فيصلن تي عمل ٿيڻ گهرجي. اظهار جي آزادي کي دٻائڻ سبب اسان اڌ ملڪ وڃائي ڇڏيو. اسان جي معاشري ۾ راءِ جو اظهار ٿيڻ انتهائي ضروري آهي.عام چونڊن 2024 جي حوالي سان هن چيو ته اليڪشن صرف اليڪشن نه پر اليڪشن جينوئن ٿيڻ گهرجي. 8 فيبروري کان پوءِ ئي ان جي باري ۾ چئي سگهجي ٿو ته چونڊون ڪيئن ٿيون. جبري گمشدگين جي حوالي سان هن چيو ته اسان کي قوم طور اهو سوچڻو پوندو ته جڏهن اهو مسئلو بلوچستان يا ڪي پي ۾ هجي ته مسئلو ناهي پر پنجاب ۾ هجي ته مسئلو بڻجي وڃي ٿو،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.