ڪراچي ۾ برسات شهري انتظاميا جي وڏين دعوائن کي لوڙهي ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ برسات جو سلسلو ٻئي ڏينهن به جاري رهيو، وسڪاري سبب گهٽين ۽ گهرن ۾ پاڻي بيهجي ويو،گذريل رات جي وسڪاري کانپوءِ شهري انتظاميا جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا تفصيلن موجب بحريا ٽائون، سپر هاءِ وي، سرجاڻي ٽائون، نارٿ ڪراچي، اسڪيم 33، ناگن چورنگي، نارٿ ناظم آباد ۽ گلشن اقبال ۾ تيز برسات ٿي، لياقت آباد،  طارق روڊ، نمائش، صدر، آءِ آءِ چندريگر روڊ، برنس روڊ، ٽاور، لياري ۽ شير شاهه ۾ به وسڪارو پيو. ٻن ڏينهن کان لاڳيتي برسات سبب ڪراچي شهر جو نظام ڊانواڊول ٿي ويو، مختلف روڊن ۽ انڊر پاسز ۾ پاڻي جمع ٿي ويو، ٽرئفڪ جام ٿيڻ ڪري شهرين کي ڏکيائين سان منهن ڏيڻو پئجي ويو،روڊ اکڙي ويا، جڏهن ته رات کان وقفي وقفي سان جاري برسات سبب گهرن ۾ پاڻي بيهجي ويو، شهري برسات دوران گهرن ۾ پاڻي ڪڍند رهيا،ٽريفڪ جو نظام ڊانواڊول ٿي ويو، هزارين شهري گذريل رات روڊن تي گاڏين سميت بيٺل رهيا،جڏهن ته سول اسپتال ۾ برساتي پاڻي گڏ ٿي ويو، جنهن سبب مريضن ۽ تيماردارن کي پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو،ايس ايس پي ملير جي ترجمان موجب شرافي ڳوٺ ٿاڻي جي علائقي معين آباد نمبر 2 عزيزيا مسجد جي ڀرسان برسات سبب ھڪ گھر جي ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ 2 عورتون زخمي ٿي پيون، ايس ايس پي ملير تمام ڊي ايس پيز ۽ ايس ايڇ اوز کي ھدايت ڪئي ته ھو پنهنجي علائقن ۾ برسات ۾ متاثر شھرين جي مدد ڪن. هوڏانهن برسات بعد بلديا ٽائون نمبر 2 جي نالي مان 45  ورهين جي سيد محمد فخر عالم ولد سيد محمد خورشيد عالم جو ٻڏل لاش مليو. ايس ايڇ او سائيٽ محمد مسعود جو چوڻ آهي ته امڪاني طور فوتي برسات دوران ڪنهن جاءِ تي نالي ۾ ٻڏو ۽ لاش نالي ۾ وھندو بلديا ٽائون ۾ ڦاٿو. ايس ايڇ او شڪ ظاھر ڪيو ته ٿي سگهي ٿو فوتي برسات دوران پير سلپ ٿيڻ سبب نالي ۾ ڪري فوت ٿيو هجي. جٽ لائين بادام بيڪري ڀرسان ھڪ شخص ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو، فوتي جي سڃاڻپ 19 ورهين جي دلاور جي نالي سان ٿي. فيروز آباد جي علائقي ڪشمير روڊ چائينا پارڪ جي ڀت ڪرڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن جن جي سڃاڻپ 65 ورهين جي جنيد ۽ 35 سالن جي وسيم طور ٿي آهي،  سولجر بازار پوليس جي ايس ايڇ او شهزاد الياس موجب سولجر بازار ۾ تندور جي ڀت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.ٻئي پاسي سوشل ميڊيا تي 15 سالن کان اقتدار ۾ رهندڙ پيپلز پارٽي تي سخت تنقيد هلي رهي آهي،صارف لکي رهيا آهن ته هڪ برسات پ پ جي ڪارڪردگي تي پاڻي ڦيري ڇڏيو، هڪ صارف تازي ٺهيل روڊ ۾ پيل کڏن جي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته هڪ برسات سان پ پ جي ڪارڪردگي هن روڊ وانگر ويهي رهي،عنايت آفريدي لکيو ته 30 منٽن جي برسات پئي، ڊي ايڇ اي ڪراچي ۾ اربين رپين جي سيوريج نظام کي وائکو ڪري ڇڏيو،ماڻهن چيو ته هاڻي سوچي سمجهي ووٽ ڏجي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.