بلاول کي مناظري جو چئلينج،ڪالهوڪي برسات سان لاهور ۽ ڪراچي جي ڀيٽ ٿي وئي:شهبازشريف

لاهور(م ڊ) مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف بلاول کي مناظري جو چئلينج ڏيندي چيو آهي ته  جيڪڏهن هاڻوڪي پوندڙ برسات سبب ڪراچي جهڙي حالت لاهور جي ٿئي ها ته مان چونڊن تان هٿ کڻي وڃان ها.اڳوڻي وزيراعظم لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان جي دور ۾ ڪرپشن گهٽ ٿي، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل سميت عالمي ادارا به گواهي ڏئي رهيا آهن ته عمران خان جي دور ۾ ڪرپشن جو پئسو هر طرف هليوتحريڪ انصاف وارا هاڻ پنهنجي پارٽي جي بجاءِ ٽرانسپرنسي جي رپورٽ تي ووٽ ڏين.شهباز شريف چيو ته نوازشريف 1997ع ۾ موٽر وي ٺاهيو،  جنهن جي ڪري اسان جي مٿان ڪرپشن جا الزام لڳايا ويا پر ڪوبه الزام ثابت نه ٿي سگهيو.  ڌاندلي ذريعي آيل حڪومت اسان تي بدترين ڪرپشن جا الزام لڳايا. چور، ڌاڙيلن جو ورد ڪري هن ملڪ کي تباهه ڪيو ويو جنهن کي سنڀالڻ هاڻ مشڪل آهي. منهنجي خلاف هڪ ٽڪي جي ڪرپشن ثابت ٿي وڃي ته پنهنجا نامزدگي ڪاغذ واپس وٺي ڇڏيندس. برسات دوران ڪراچي پاڻي هيٺ اچڻ جي باري ۾ ڳالهيون ڪندي شهباز شريف چيو ته ڪراچي سمنڊ بڻيل آهي مون اڳ ئي چيو هو ته بلاول سان مناظرو نه ڀيٽ ٿيڻ گهرجي. ڪالهه ڪراچي جي ڀيٽ ٿي وئي ڪالهه ڪراچي جي برسات جي پاڻي، سمنڊ سان ڀيٽ ٿي وئي. جيڪڏهن برسات کان پوءِ اها صورتحال لاهور ۾ ٿئي ها ته مان چونڊن تان هٿ کڻي بلاول کي چوان ها ته منهنجي تڪ تان اچي چونڊن ۾ حصو وٺي.هن چيو ته بلاول ڀٽو سان سٺا لاڳاپا رهيا آهن هو جتان چاهي چونڊن ۾ حصو وٺي، چونڊون وڙهڻ جو هر هڪ کي حق حاصل آهي. ڪوبه چونڊن ۾ حصو وٺي پنهنجي مهم هلائي، بينرز لڳائي پنهنجا ڪيس پيش ڪري پر پئسن سان ووٽ خريد ڪرڻ ووٽ جي بدترين توهين آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.