سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ برداشت نه ڪنداسين: نثار کهڙو

لاڙڪاڻو ( پ ر) پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر سينيٽر نثار کهڙو چيو آهي ته سنڌ ۾ گئس ۽ بجليءَ جي بدترين لوڊشيڊنگ سنڌ جي شهري توڙي  ٻهراڙي واري ماڻهن کي عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو ان لاءِ نگران وفاقي حڪومت گئس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو نوٽيس وٺي سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ بند ڪري، اهڙن خيالن جو اظهار هن ميروخان ۾ مختلف هنڌن تي ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي ڪيو، سنڌ پاڪستان ٺاهيو ۽ ملڪ ٺاهڻ واري صوبي جي عوام سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ناقابل برداشت عمل آهي، سنڌ 70 سيڪڙو گئس پيدا ڪرڻ وارو صوبو آهي ۽ آئين تحت گئس تي به پهريون حق ان صوبي جو هجڻ گهرجي پر سنڌ کي پنهنجي حصي جي گئس نه پئي ملي ۽ سنڌ جي گئس ٻين صوبن کي فراهم ڪئي پئي وڃي جنهن تي سنڌ کي سخت اعتراض آهن، سنڌ کي پنهنجي حصي جي گئس فراهم ڪري سنڌ مان گئس ۽ بجليءَ جي غيراعلانيه لوڊشيڊنگ جو فوري خاتمو آندو وڃي ۽ عوام جي زندگيءَ کي آسان بڻايو وڃي، ايم ڪيو ايم سنڌ ۾ نئين صوبي جي ڳالهه ڪري رهي آهي ته وري جي ڊي اي ۾ شامل جماعتون ڪالاباغ ڊيم جون حامي آهن ۽ مسلم ليگ ن صوبائي خودمختياري ۽ 18 هين ترميم جي مخالف آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.