اقتدار ۾ اچي عوام جون سموريون تڪليفون ختم ڪنداسين: آصفه ڀٽو

نوشهروفيروز /مورو (رپورٽ: عتيق الرحمان وسطڙو/ جاني مورائي) شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري جو مختلف شهرن  ۾ شاندار استقبال ڪيو ويو، آصفه ڀٽو جي اڳواڻي ۾ مورو، ڏيپارجا، نئون جتوئي، مٺياڻي ۽ ڦل ۾ ريلي جي شاندار استقبال ڪيو ويو، چونڊ مهم جي سلسلي ۾ ڪڍيل ريلي کي خطاب ڪندي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته 8 فيبروري تير جي فتح جو ڏينهن آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي عوام جي پارٽي آهي ۽ اڄ به سنڌ جو عوام اسان جي نمائندن تي يقين رکي ٿو ڇو جو هو عوام جي خدمت واري جذبي سان سياست ڪن ٿا، اسان غريبن هارين پورهيتن کي 3 لک گهر ٺاهي ڏينداسين، هاري ڪارڊ ڏيئي خوشحالي آڻينداسين، بيروزگاري ۽ مهانگائي جو خاتمو اسان جي اولين ترجيح آهي، تعليم ۽ صحت سڀني لاءِ اسان جو منشور آهي، بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم چونڊجي ويو ته اعلانيل منشور تحت عوام کي سموريون سهولتون ملنديون، سنڌ جو عوام پيپلزپارٽي جي سمورن اميدوارن کي ڪامياب ڪرائي، غريب ماڻهن کي گهرن جا مالڪاڻا حق ڏنا ويندا، آصفه ڀٽو زرداري چيو ته عوام جن تڪليفن کي منهن ڏئي رهيو آهي اقتدار ۾ اچي انهن کي تڪليفن مان ٻاهر ڪڍنداسين، آصفه ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ ريلي ڏيپارجا، نئون جتوئي، مٺياڻي، ڦل ۽ پڊعيدن لنڪ روڊن تان به گذري جتي ريلي جو استقبال ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.