3 مارچ تي رٽائرڊ ٿيندڙ 49 سينيٽرن ۾ پ پ جو وڏو انگ

اسلام آباد(م ڊ)هلندڙ سال 3 مارچ تي 49 سينيٽر رٽائرڊ ٿي ويندا، انهن ۾ چيئرمين  سينيٽ صادق سنجراڻي به شامل آهي، لسٽ  ۾ ڊپٽي چيئرمين مرزا خان آفريدي، اسحاق ڊار، رضا رباني ۽ مشاهد حسين سيد جو به نالو شامل آهي، ايندڙ مهيني رٽائرڊ ٿيندڙ هي سينيٽر 2018ع ۾ چونڊيا ويا هئا.انهن ۾ سڀ کان وڌيڪ انگ پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيٽرز جو آهي، مارچ ۾ پ پ جا 12، مسلم ليگ ن جا 11، پي ٽي آءِ  جا 8، جي يو آءِ ۽ اين اي پي جا 2-2 سينيٽر رٽائرڊ ٿيندا، ان کان علاوه رٽائرڊ ٿيندڙن ۾ ايم ڪيو ايم، پي ايم اي پي، جماعت اسلامي ۽ مسلم ليگ فنڪشنل جو1-1 سينيٽر شامل هوندو، خيبرنختونخواهه ۽ پنجاب مان 10-10 ۽ سنڌ مان 123 سينيٽر، بلوچستان مان 10، اسلام آباد مان 2 ۽ ضم ضلعن مان 4 سينيٽر رٽائرڊ ٿيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.