ڪراچي (رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چونڊ مھم جي سلسلي ۾ شڪارپور پھتو ته شڪارپور واسي صوفي لياقت بجاراڻي ۽ سندس نياڻي بختاور بجاراڻي پ پ جي ناقص ڪارڪردگي تي سوال اٿاريو، قافلي ۾ موجود پوليس سماجي ورڪر صوفي لياقت بجاراڻي ۽ سندس نياڻي کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو. گرفتاري واري خبر سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ پوليس سماجي ورڪر ۽ سندس نياڻي کي آزاد ڪري ڇڏيو،آزادي بعد سول سوسائٽي جي اڳواڻن پڻ صوفي لياقت بجاراڻي سان همدردي جو اظهار ڪيو ، ان سلسلي ۾ صوفي لياقت علي بجاراڻي جو چوڻ ھو ته پ پ عوام دشمن پارٽي آھي جنھن سنڌ ۾ تباھي آندي آھي آءٌ مزاحمت ڪرڻ ۽ احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ پ پ جي جلسي ۾ جيئن پھتس ته مونکي گرفتار ڪيو ويو، ھوڏانھن لکي در پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته صوفي لياقت علي بجاراڻي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مٿان انڊا اڇلائڻ آيو ھو جنھن کي گرفتار ڪيو ويو. ڪجهھ ڏينھن اڳ شڪارپور اين اي 193 پ پ اميدوار شھر يار خان مھر ۽شڪارپور پي ايس 7 پ پ اميدوار امتياز احمد شيخ بازار جي چونڊ مهم دوران سماجي ورڪر صوفي لياقت بجاراڻي امتياز احمد شيخ کان سوال پڇيو ته شڪارپور ۾ پ پ 15 سالن ۾ ڇا ڪيو آھي ؟ امتياز احمد شيخ سماجي ورڪر صوفي لياقت بجاراڻي کي مطمئن نه ڪندڙ جواب نه ڏنو ۽ بازار جي چونڊ مهم ملتوي ڪري ڇڏي هئي،