ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي انٽر بورڊ ۾ شاگردن جا امتحاني نتيجا تبديل ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي. يونيورسٽيز اينڊ بورڊز پاران انڪوائري رپورٽ جي روشني ۾ ملوث قرار ڏنل 8 ڪامورن تي فوجداري ڪيس داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين ڊاڪٽر سعيد الدين ۽ اڳوڻي چيئرمين نسيم احمد ميمڻ خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي .اڳوڻي امتحاني ڪنٽرولر انور عليم راجپوت، اڳوڻو ڪنٽرولر ظهير الدين، اڳوڻي ڊپٽي ڪنٽرولر اسلم خان چوهاڻ خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اڳوڻي اسسٽنٽ ڪنٽرولر تنوير عباس زيدي، اڳوڻي اسسٽنٽ ڪنٽرولر عبدالحارث فاروقي ۽ محمد اطهر خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي . انگلش، بائيولاجي، ڪئمسٽري ۽ فزڪس جي نتيجن ۾ ڦيرڦار ڪئي وئي، مختلف شاگردن جا مختلف سبجيڪٽن ۾ نمبر وڌايا ويا. ڪراچي انٽر بورڊ ۾ شاگردن جا امتحاني نتيجا تبديل ڪرڻ معاملي جو نگران وڏي وزير نوٽيس ورتو هو ۽ جاچ جو حڪم ڏنو هو.