اسلام آباد(م ڊ) سينئر صحافي نصرت جاويد چيو آهي ته سمورن ماڻهن ۾ تجسس آهي ته چونڊون ٿينديون يا نه؟ ان کانپوءِ ٽوئيٽر تي هڪ ٽرينڊ هليو ته ”پهرين امن پوءِ چونڊون“ اخبارن جي هيڊلائن ۾ لکيو ويو ته خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال سبب چونڊون ملتوي ٿي سگهن ٿيون،جنهن ايڊيٽر اها سرخي لکي مان ان شخص کي برطرف نه ته معطل ضرور ڪري ڇڏيان ها، هن چيو ته ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ واضح ٿي چڪو آهي ته چونڊون هر صورتحال ۾ ٿينديون، ميڊيا هروڀرو هيجان واري صورتحال پيدا ڪئي ،هن چيو ته مون کي ٻڌايو هو 2008ع کان به صورتحال خراب آهي؟ان دوران سوات آپريشن ٿيو، 2013ع ۾ به دهشتگردي ٿي هئي، توهان دنيا کي ڪهڙو پيغام ڏيندو ته توهان اڃا 2008ع واري دور کان ٻاهر ئي نه نڪتا آهيو؟ميڊيا کي افراتفري نه پکيڙڻ گهرجي،هن چيو ته ڀارت ۾ حيدرآباد دکن ۾ اڄ چونڊون ٿيون ،انهن جو نتيجو ٻن مهينن کانپوءِ ايندو، ماڻهو ان تي اعتبار ڪري ويندا،اسان وٽ ساڳئي ڏينهن ئي نتيجا اچي وڃن ٿا پوءِ اسان اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندا آهيون،21 آڪٽوبر کانپوءِ نوازشريف اڄ مينگوره ۾ پنهنجي پراڻي موڊ ۾ واپس اچي ويو آهي،
لطيف آباد ۾ پوليس ڇاپي خلاف پي ٽي آءِ جو ڌرڻو
حيدرآباد(رپورٽر) تحريڪ انصاف جي آفيس انصاف هائوس لطيف آباد تي پوليس جي ڇاپي خلاف پي ٽي آئي جو ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو ۽ احتجاج، پوليس لٺبازي ڪندي ڪارڪنن کي ڇڙو ڇڙ ڪري ڇڏيو. پي ٽي آئي ڪارڪنن پاران ايس ايس پي حيدرآباد آفيس ٻاهران ڌرڻي ۽ احتجاج کي خطاب ڪندي پي ٽي آئي اڳواڻ ڊاڪٽر مستنصر باالله چيو ته 18 پوليس موبائلن جي ٽيم انصاف هائوس لطيف آباد تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان کي چونڊ مهم کان روڪيو پيو وڃي.
ڪراچي ۾ سڀاڻي تائين برسات جو امڪان آهي: موسميات کاتو
ڪراچي(رپورٽر)موسميات کاتي پاران ڪراچي ۾ 4 فيبروري تائين برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، ڪراچي ۾ 3 ۽ 4 فيبروري تي گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي، ٻئي پاسي گذريل جمعي جي صبح ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ برسات پئي، ڪراچي ۾ سرجاڻي ٽائون، نادرن باءِ پاس نيو ڪراچي، نارٿ ڪراچي، نانگن چورنگي سميت مختلف علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ۽ ڪٿي تيز برسات پئي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ آمريڪي ٻار روحان کي والد حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ذوالفقار علي احمد خان جي سنگل بينچ آمريڪي ٻار روحان جي حوالگي ڪيس جولکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، عدالت آمريڪي شهري روحان شيخ کي سندس والد حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت ايف آءِ اي عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته ٻار کي ماءُ جويريه شاهاڻي کان وٺي پيءُ حوالي ڪيو وڃي، فيصلي ۾ چيو ويو ته ٻارڙو آمريڪي شهري آهي ان ڪري مٿس پاڪستاني قانون لاڳو نٿو ٿئي
اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاپاڪستان روبار جو هاڪاري رجحان
ڪراچي (م ڊ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جو هاڪاري ڏينهن رهيو، اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 609 پوائنٽون واڌ سان 63002 تي بند ٿيو، بازار ۾ اڄ 26 ڪروڙ شيئرز جو ڪاروبار 10.7 ارب رپين ۾ طئي ٿيو. ان کانسواءِ مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 86 ارب رپيا وڌي 9206 ارب رپيا آهي.
پي ٽي آءِ جون انٽرا پارٽي چونڊون ملتوي
اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف انٽرا پارٽي اليڪشن ملتوي ڪري ڇڏي آهي. تحريڪ انصاف گذريل ڏينهن انٽرا پارٽي چونڊن جو شيڊول جاري ڪيو هو، جنهن موجب چونڊون سومر 5 فيبروري تي ٿيڻيون هيون، پر هاڻي پي ٽي آءِ طرفان اليڪشن ملتوي ڪئي وئي آهي، جنهن جي تصديق چيئرمين بئريسٽر گوهر به ڪئي. پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته انٽرا پارٽي چونڊون پي ٽي آءِ جي باني جي هدايت تي ملتوي ڪيون ويون آهن، انٽرا پارٽي چونڊون اميدوارن ۽ ووٽرن جو ڌيان عام چونڊن تان هٽائي سگهن ٿيون.
يوسف گيلاني ۽ پي ٽي آءِ اميدوار آمهون سامهون، هڪٻئي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار
ملتان (م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ يوسف رضا گيلاني ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حمايت يافته اميدوار بئريسٽر تيمور مرزا سان آمهون سامهون ٿي ويا، ٻنهي ڌرين برداشت ۽ احترام جو مثال قائم ڪيو. ملڪ ۾ عام چونڊن جو جوش عروج تي پهچي ويو آهي ۽ چونڊ مهم روڊن رستن تي جاري آهي. ملتان ۾ چونڊ مهم دوران پ پ اميدوار يوسف رضا گيلاني ۽ پي ٽي آءِ جو حمايت يافته اميدوار بئريسٽر تيمور مرزا آمهون سامهون ٿيا. ٻنهي رواداري ۽ احترام جو مثال قائم ڪيو، ڀاڪر پاتو ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي سياسي اڳواڻن وچ ۾ خوشگوار موڊ ۾ دلچسپ جملن جي ڏي وٺ ٿي.