فيصل آباد (م ڊ) ن ليگ قائد نواز شريف چيو آهي ته 50 لک گهر ۽ نوڪريون ڏيڻ وارا ناهيون، جيڪو چونداسين اهو ڪنداسين. پي ٽي آءِ 50 لک گهرن ۽ هڪ ڪروڙ نوڪرين جو واعدو ڪيو، ڇا ڪنهن کي گهر مليو؟ ڇا بيروزگاري ختم ٿي وئي؟ اسان بلين ٽري وارا ناهيون، جيڪي چوندا آهيون اهو ڪندا آهيون. فيصل آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته جلسي ۾ موجود ڪو هڪ شخص هٿ کڻي ٻڌائي ته ان کي گهر مليو، هي ممي ڊيڊي وارا نوجوان ناهن، چوندا آهن ته اهي نوجوان ڪنهن ٻئي سان گڏ آهن پر نه اهي ن ليگ سان گڏ آهن، هجوم ڏسي مون وٽ لفظ ئي ناهن، بس اهو چوندس ته فيصل آباد زنده آباد. هن چيو ته فيصل آباد ۾ ساڄي ۽ کاٻي پاسي کان موٽر ويز آهن، توهان کي ڪيترا موٽر ويز کپن؟ توهان انڪار ڪندئو ته به اسان ٺاهينداسين، حڪومت ۾ اچي، اٽو، گئس، پيٽرول ۽ کنڊ سستي ڪنداسين. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته هو اهو دور واپس آڻيندو جڏهن ماني 4 رپيا هئي، کنڊ، اٽو ۽ پيٽرول سستو هو، ڀاڄيون 10 رپيا في ڪلو هيون، اهي ڌرڻا هڻي رهيا هئا، اسان لوڊشيڊنگ ۽ دهشتگردي ختم ڪري رهيا آهيون.