چونڊن دوران فوج ڪوئيڪ رسپانس فورس طور ڪم ڪندي

اسلام آباد (م ڊ) عام چونڊن دوران آرٽيڪل 245 تحت پاڪ فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اليڪشن دوران پاڪ فوج مختلف علائقن ۾ ڪوئيڪ رسپانس فورس طور ڪم ڪندي. عام چونڊن دوران  سول آرمڊ فورسز ۽ پاڪ فوج جو عملو محفوظ ماحول جي فراهمي لاءِ سهڪار ڪندو. رڳو سول آرمڊ فورسز بيلٽ پيپر جي ڇپائي دوران پرنٽنگ پريس جي حفاظت تي مقرر هوندي. عام چونڊن واري ڏينهن هٿيارن جي نمائش تي پابندي هوندي، هر آفيسر ۽ جي سي او اليڪشن ڪميشن جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تحت اختيارن جو وقت تي استعمال ڪندو. رٽرننگ آفيسرن جي آفيسن کان چونڊ مواد پولنگ اسٽيشنز تائين پهچائڻ، ڳڻپ ۽ چونڊ عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ سامان واپس ريٽرننگ آفيسرن جي آفيسن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي. چونڊن واري ڏينهن محفوظ ماحول کي يقيني بڻائڻ لاءِ پوليس، سول آرمڊ فورسز ۽ آرمي ذميوار هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.