پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ سان ويتر مھانگائي وڌندي

نگران حڪومت عوام کي چونڊن جي ويجھي اچڻ سان ئي پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 13 رپين کان وڌيڪ اضافو ڪري وري مھانگائي جي طوفان کي دعوت ڏئي ڇڏي آھي.حڪومت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب  پيٽرول جي اگهه ۾ في ليٽر 13 رپيا 55 پئسا اضافي جي منظوري ڏني وئي آهي. جنهن کانپوءِ پيٽرول جي في ليٽر نئين قيمت 272 رپيا 89پئسا ٿي وئي آهي،ڊيزل جي اگهه ۾ في ليٽر 2 رپيا 75 پئسا اضافي کانپوءِ ڊيزل جو نئون اگهه 278 رپيا 96 پئسا في ليٽر ٿي ويو آهي،لائٽ  ڊيزل جي قيمت ۾ 2 رپيا 3 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي، گاسليٽ جي اگهه ۾ 24 پئسا في ليٽر گهٽتائي جي منظوري ڏني وئي،نيون قيمتون  گذريل رات  لاڳو ٿي ويون آهن.

ھڪ تھ اڳي ئي عام ماڻھو ھن مھانگائي واري دور ۾ ڳڻتي ۾ ورتل ھو،جنھن کي اھا اميد ھئي تھ پئٽرول جي قيمتن ۾ ڪجھه گھٽتائي ٿيندي پر سرڪار ان جي ابتڙ فيصلو ڪري عوام جي اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو.جنھن سان لازمي طور تي مھانگائي ۾ اضافو ٿيندو.جنھن جو اثر ھر عام ماڻھو تي پوندو. پيٽرول ھڪ اھڙو اسم آھي،جنھن ۾ اضافي سان ھر شيءَ جي قيمت تي اثر پوي ٿو،ڇاڪاڻ جو ڪنھن بھ اسم جي مارڪيٽ تائين پھچائڻ جي لاڳت وڌي وڃي ٿي،جنھن ڪري ھر سطح تي عام واھپي جي شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿي وڃي ٿو،جنھن جو سڌو اثر غريب ماڻھن ۽ وچولي طبقي تي وڌيڪ پوي ٿو، نھ رڳو ايترو پر جڏھن بھ حڪومت پيٽروليم جي شين ۾ اضافو ڪيو آھي تھ ان سان واپارين وري ھٿرادو مھانگائي ڪئي آھي.ھاڻوڪي ڪيل اضافي کانپوءَ پڻ اھو خطرو موجود آھي.

اھو درست آھي تھ عام واھپي جي شين جي اگھن کي چڪاس ڪرڻ جي لاءِ حڪومت جا لاڳاپيل ادارا آھن پر عملي طور تي اھو گھٽ ئي ٿيو آھي تھ انھن ادارن جو اھڙو ڪم ڪيو ھجي،جنھن سان عام ماڻھو تي پوندڙ مھانگائي جي بار ۾ ڪا گھٽتائي ٿي ھجي.نتيجي ۾ رڳو پيٽرول جھڙي اسم جي اگھن ۾ ڪيل اضافي جو بار عام ماڻھو مٿي پوي ٿو.

وقت جي حڪومت جيڪڏھن واپارين ۽ٽرانسپورٽرز تي ڪنھن حد تائين ڪنٽرول ڪري تھ يقينن ان جو مثت اثر ظاھر ٿي سگھي ٿو،واپارين جي ھٿ سان ڪيل مھانگائي جو بھ حڪومت وٽ حل آھي،پر ان جو اثر عام ماڻھو تي تڏھن ئي پوندو جڏھن حڪومت  جا لاڳاپيل ادارا عملي  طور تي قدم کڻندا جنھن سان مھانگائي تي ڪنٽرول ٿيڻ ممڪن ھجي.

پي ٽي آءِ جي باني کي مليل سزا

نيب جي عدالت توشاخانا ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس گهرواريءَ بشريٰ بي بي کي 14، 14 سال  قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. احتساب عدالت جي جج محمد بشير، عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي توشا خانا ڪيس ۾ اھا سزا ٻڌائي. ان کان اڳ  ٻڌڻي دوران احتساب عداالت جي جج محمد بشير، پي ٽي آءِ باني کان 342 واري بيان جمع ڪرائڻ بابت سوال ڪيو؟ جنهن تي عمران خان چيو ته بيان تيار آهي،پر  بشريٰ بي بي ۽ سندس وڪيل ايندا ته اهي بيان جمع ڪرائيندا. ان کانپوءِ عمران خان ڪاوڙ مان عدالت جي ڪمري مان ٻاهر نڪري ويو.

پي ٽي آءِ باني چيو ته کيس ٿورو وقت ڏنو وڃي، سندس وڪيل اچي رهيا آهن پر جج محمد بشير کيس وقت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان کانپوءِ جج جيل سپرنٽننڊنٽ ذريعي عمران خان کي ،عدالت ۾ طلب ڪيو پر پي ٽي آءِ جي باني انڪار ڪري ڇڏيو.

جنهن کانپوءِ احتساب عدالت جي جج محمد بشير توشا خانا ڪيس جو مختصر فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. توشا خانا ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي کي 14،14 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي وئي. عدالت ٻنهي تي هڪ ارب 57 ڪروڙ 40 لک رُپيا ڏنڊ وڌو.جڏهن ته پي ٽي آءِ باني کي ڏهن سالن لاءِ نااهل پڻ قرار ڏئي ڇڏيو.

ھن کان اڳ نيب جي ئي عدالت پي ٽي آءِ،باني عمران خان کي سائفر ڪيس ۾ ڏھن سال جي سزا ٻڌائي ھئي.

ملڪي ميديا ۾ ھن وقت عمران خان جي سزا تي بحث جاري آھي.ٻئي پاسي اھا بھ دلچسپ ڳالھھ آھي تھ 2018 ۾ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نوازشريف کي پڻ چونڊن کان ٿورو اڳ نااھل ڪيو ويو ھو،جنھن ۾ بھ ساڳئي ئي نيب جي جج کيس سزا ڏني ھئي.ان وقت بھ اھڙي سزا ڏيندڙ جج تي تنقيد ٿي رھي آهي. جڏھن ته ڪجھھ وقت اڳ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم کي مليل سزا تي بھ تنقيد ٿي رھي آھي.

جيڪي ھن وقت پي ٽي آءِ باني کي مليل سزا کي درست قرار ڏئي رھيا آھن، انھن جو چوڻ آھي تھ ملزم بي سبب ڪيس کي اينگھائڻ پئي چاھيو،جنھن سان وقت جو زيان ٿي رھيو ھو،جڏھن تھ ذڪر ڪيل ڪيس ۾ وڪيلن جي تبديل ٿيڻ ۽ ان جي ڪارروائي ۾ ملزم جي ڌر پاران سستي ڪئي وئي.ٻئي طرف ان سزا تي تنقيد ڪندڙن جو چوڻ آھي تھ عدالت ملزم ڌر کي قانون موجب گھربل حق نھ ڏنا آھن.پاڪستان تحريڪ انصاف ان سزا کي سياسي انتقام قرار ڏئي رھي آھي.

جيڪا بھ صورتحال ھجي پر عدالت پاران چونڊن جي وقت ڏنل فيصلي جو سڌي ريت چونڊن تي اثر پوندو ،جنھن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جا باقي اميدوار جيڪي آزاد حيثيت ۾ چونڊون وڙھي رھيا آھن، انھن ۾ مايوسي پئدا ٿيندي،ممڪن آھي ان جو سڌي ريت پي ٽي آءِ، جي ووٽرز تي پڻ اثر پوي.

ملڪ ۾ ٿيندڙ چونڊن جي پس منظر ۾ ھن معاملي کي ڏسندڙن جو خيال آھي تھ ان سان ايندڙ چونڊن جي شفافيت تي اڃان پڻ سوال پئدا ٿيندا.جنھن ڪري چونڊن جو اصل مقصد تي ان جي نتيجي ۾ جڙندڙ حڪومت سان ملڪ ۾ ڪنھن حد تائين استحڪام پئدا ٿئي، اھو ممڪن نھ ھوندو.جنھن سان وري بھ ساڳي صورتحال رھندي.جنھن جو مجموعي طور تي ملڪ کي نقصان ئي رسندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.