سانگهڙ (رپورٽ: محمد حسين بلوچ) جي ڊي اي مرڪزي اڳواڻ صدر الدين شاهه راشدي چيو آهي ته پيپلزپارٽي پاران پندرنهن سالن کان عوام جي حقن تي هنيل ڌاڙن جو اسان ازالو ڪري عوام کي خوشحال سنڌ ڏانهن وٺي وينداسين، گرينڊ ڊيموڪريٽ الائنس جي مرڪزي اڳواڻ سيد صدرالدين شاهه راشدي هڪ ڏينهن جي دوري تي سانگهڙ پهتو راڄڙ هائوس سانگهڙ پهچڻ تي سيد صدرالدين شاھ راشدي شاندار استقبال ڪيو ويو، وڏي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي سائين صدرالدين شاھ راشدي چيو ته پيپلزپارٽي پاران جيڪي گذريل پندرنهن سالن کان عوام جي حق تلفي ٿي آهي اسان انهي جو ازالو ڪنداسين، عوام کي اها ساڳي شاهوڪار سنڌ موٽائي ڏينداسين، پيپلزپارٽي پارٽي وارن جو نعرو آهي روٽي ڪپڙا مڪان پر اها هاڻي اهي سڀ شيون عوام کان ڦري پاڻ وٽ رکيو ويٺا آهن عوام کي گهرجي ته 8 فيبروري تي اها سڀ پنهنجون شيون واپس ڪرائڻ لاءِ اسان جي نامزد اميدوارن کي ووٽ ڏي اسان ڪنهن سان به زيادتي ٿيڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته اسان روحاني ماڻهو آهيون صرف دعا ئي ڏئي سگهون ٿا جنهن وٽ نئون پيسو آيو آهي انهن جي ٻولي جيڪا آهن اها انهي ڳالھه جي ثابتي ڏي ٿي ته اهو پئسو نئون آهي جنهن وٽ پندرنهن سال اڳ سائيڪل ڪو نه هئي انهن وٽ لينڊ ڪروزر گاڏين جون قطارون ڪٿان آهيون، هي سڀ عوام جو مسئلو آهي.