حڪومت تيل اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 13 رپيا 55 پئسا واڌ ڪري ڇڏي، پيٽروليم اسمن جي اگهن ۾ تبديلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، پيٽرول جي اگهه ۾ في ليٽر 13 رپيا 55 پئسا اضافي جي منظوري ڏني وئي آهي جنهن کانپوءِ پيٽرول جي في ليٽر نئين قيمت 272 رپيا 89پئسا ٿي وئي آهي،ڊيزل جي اگهه ۾ في ليٽر 2 رپيا 75 پئسا اضافي جي منظوري ڏني وئي،واڌ کانپوءِ ڊيزل جو نئون اگهه 278 رپيا 96 پئسا في ليٽر ٿي ويو آهي،لائٽ  ڊيزل جي قيمت ۾ 2 رپيا 3 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي، گاسليٽ جي اگهه ۾ 24 پئسا في ليٽر گهٽتائي جي منظوري ڏني وئي،نيون قيمتون گذريل 12 وڳي کان ئي لاڳو ٿي ويون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.