ڪراچي (رپورٽر)جماعت اسلامي سنڌ جي نائب امير اين اي 229 تي نامزد اُميدوار ائڊوڪيٽ ممتاز حسين سهتو چيو آهي ته اڄ پوري سنڌ جاڳي پئي آهي، سنڌ جو نوجوان پُڇي پيو ته سيلاب جو فنڊ ڪاڏي ويو، ترقياتي فنڊ ڪاڏي ويا، پر سنڌ تي لاڳيتو 15 سالن کان اقتدار ۾ ويٺل پ پ جي قيادت وٽ ڪوبه جواب ڪونه آهي، ان ڪري سنڌ جو عوام 08 فيبروري کي ظالم ۽ ڪرپٽ قيادت جي احتساب جو ڏهاڙو بڻائي ووٽ جي طاقت سان سندس سياست کي دفن ڪري ڇڏي. اهڙن خيالن جو اظهار هن درساڻو ڇنو ۾ چونڊ ورڪ دوران مختلف گڏجاڻين کي خطاب ڪندي ڪيو. ممتاز حسين سهتو وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ساڳين جاگيردارن ۽ سرمائيدارن کي چونڊيو ويو ته پوءِ ايندڙ پنج سال وري روئڻو پوندو.