ڪراچي( رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي ملير ۾ جناح ايونيو تي فائرنگ ۾ نوجوان ڇوڪري زخمي ٿي پئي، پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ ڪندڙ جوابدار جي سڃاڻپ شان جي نالي سان ٿي آهي، زخمي ناري جو بيان رڪارڊ ڪرايو ويو آهي، فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ناري پوليس کي بيان ۾ چيو آهي ته شادي کان انڪار تي شان مون تي فائرنگ ڪئي، گولي منهنجي ھٿ ۾ لڳي، ناري جو چوڻ هو ته مان شادي شدا آھيان، شان مون سان شادي ڪرڻ چاھي ٿو، انصاف ڪيو وڃي.
جج ذوالقرنين کي هٽائڻ لاءِ هاءِ ڪورٽ آيا آهيون: عليمه خان
اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ باني جي ڀيڻ عليمه خان چيو آهي ته اسان هاءِ ڪورٽ آيا آهيون ته جيئن جج ذوالقرنين کي هٽايو وڃي. عليمه خان هڪ انٽريو چيو ته شاهدن جا بيان ڪرايا پر جرح جي وقت فيصلو ڏئي ڇڏيو، گذريل ڏينهن اسان سان بدتميزي ڪئي وئي. هن چيو ته اسان سان جيڪو فراڊ ڪيو ته اهو سڀني جي سامهون آهي، مون کي جيل ۾ وجهي ڇڏيو، مان ان کي فراڊ چونديس، عليمه خان چيو ته عدالت جو ڪم انصاف ڏيڻ آهي، ان کي پگهار ملي ٿي.
ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پوليس مقابلن ۾ 7 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار
ڪراچي( رپورٽر ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پوليس مقابلن ۾ 7 ڦورن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، گلستان جوھر ٿاڻي جي پوليس موجب بلاڪ ون نيپا پل گلشن اقبال ڀرسان پوليس مقابلي دوران جوابدار انور علي خان کي زخمي حالت ۾ ڪيو، ايس ايس پي ايسٽ ڪراچي سيد عرفان بھادر موجب جوابدارن جي فائرنگ ۾ واٽھڙو عورت شانزا ڌيءَ يامين زخمي ٿي پئي، قائد آباد ڀرسان مرغي خانه پل ڀرسان پوليس مقابلي ۾ ھڪ ڦورو ماجد ولد بابو خان کي پوليس زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، منگھو پير کڏا گرائونڊ ڀرسان ھزارا چوڪ وٽ پوليس مقابلي ۾ ڦورو آصف ولد امين جان، ذيشان غلام خان ۽ عبدالرحمن ولد جاويد خابن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.