ڪيس ختم ڪيو وڃي، صرف تاريخون ملن پيون: گم ٿيل جي امڙ روئي ويٺي

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس خادم حسين تنيو تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ڪراچي جي مختلف علائقن مان کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي آزادي بابت درخواستن تي ٻڌڻي  ڪئي، عدالت ۾ ٻڌڻي دوران گم ٿيل شهري ڪامران جي پيءٌ دانھون ڪيون، هن جو چوڻ هو ته هڪ ئي پٽ ڪمائڻ وارو هو، ٻيو ڪو ڪمائڻ وارو ناهي، مان ڏاڍو پريشان آهيان، ڪامران جي امڙ کي شوگر جي بيماري آهي، عدالت ۾ نٿي اچي سگهي، پٽ ٻن سالن کان گم آهي، هن وقت تائين سندس ڪو به پتو نه پئجي سگهيو، گم ٿيل شهري رئيس الدين جي امڙ به ٻڌڻي دوران روئي پئي، عدالت ۾ امڙ جو چوڻ هو ته ڪيس ختم ڪرائڻ چاهيون ٿا، ڪيس داخل ڪرائڻ سان ڪجهه به نٿو ٿئي، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو شهري جي امڙ کان پڇاڻو يو ته ڪيس واپس ڇو ٿا وٺڻ چاهيو، ڇا توهان جو پٽ واپس آيو آهي؟ عدالت ۾ شهري جي امڙ چيو ته اچڻ وڃڻ جو خرچ ناهي، عدالت ۾ تاريخ کانسواءِ ڪجهه به نٿو ٿئي، جي آءِ ٽي ۾ به ويھاري ويھاري کيس واپس موڪليو وڃي ٿو، مان هاڻي ٿڪجي پئي آهيان، پاڻ کي پيش نٿي ڪري سگهان، جسٽس نعمت الله ڦليوٽو پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته هاڻي توھان کي پيش ٿيڻ جي ضرورت ناهي، ڪيس هلندو رھندو، جاچ آفيسر عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪندا، عدالت ۾ پراسيڪيوٽر جنرل چيو ته رپورٽن موجب شهري جو ذهني توازن ٺيڪ نه هو، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي رئيس الدين ۽ ٻين گم ٿيل شهرين جي  آزادي بابت جاچ آفيسرن کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي، عدالت جاچ آفيسرن کي جي آءِ ٽي ۽ پي ٽي ايف سيشنز ڪرڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي، عدالت درخواستن جي وڌيڪ ٻڌڻي 4 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي، جڏهن ته ساڳي بينچ 10 کان وڌيڪ گم ٿيل شهرين جي آزادي بابت ٻڌڻي دوران عدالت شهري آزاد نه ٿيڻ بابت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، درخواستگذار چيو ته رياست الله 9 سالن کان گم آهي پر ان جو پتو ناهي پيو، عدالت چيو ته سالن کان ماڻهو گم آهي پر ڪا به اڳڀرائي ناهي ٿي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.