ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي آرڪائيوز ۽ نوادرات جي تحقيق سميت جديد طريقي تحت محفوظ ڪرڻ لاءِ ڪراچي ۾ ملڪي سطح تي پهرين جديد سائنسي ليبارٽري سائنٽيفڪ ليبارٽري اينڊ ڊيٽا سينٽر قائم ڪيو ويو آهي، ان ليبارٽري جو نالو ايڪسپلوريشن ايڪسڪيويشن برانچ سائنٽيفڪ ليبارٽري اينڊ ڊيٽا سينٽر رکيو ويو آهي. جيڪا ڪراچي جي ناردرن باءِ پاس لڳ هيريٽيج سائيٽ رومي قبرستان لڳ قائم ڪئي وئي آھي . ان سلسلي ۾ گذريل ڏهاڙي ڏينهن آرڪائيوز ۽ نوادرات جي تحفظ لاءِ قائم ڪيل سائنٽفڪ ليبارٽري جو افتتاح جي هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي ثقافت، نوادرات، آرڪائيوز جي نگران وزير ڊاڪٽر سيد جنيد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ ميوزيم جو تعداد وڌايو ويندو، هر هيريٽيج سائيٽ تي ميوزيم قائم ڪرڻ به ضروري آهي ۽ آرڪائيو ۽ نوادرات کي محفوظ بڻائڻ اسان جي قومي ذميواري آهي، موهن جي دڙي جي کوٽائي کان بعد جيڪي نوادرات نمائش لاءِ ميوزيم ۾ موجود آهن ان کان وڌيڪ خزانو ويئر هائوس ۾ بند پيل آهي، 60 سال گذري ويا آهن ڪيترائي نوادرات ٽينيڪل سھولتون نه ھئڻ سببن نمائش ۽ تحقيق لاءِ عوام آڏو نه آڻي سگهيا آھيون. ان تقريب ۾ سيڪريٽري ثقافت ۽ نوادرات سنڌ خالد چاچڙ، اڳوڻي سيڪريٽري ثقافت عبدالعليم لاشاري، ڊائريڪٽر جنرل اينٽي ڪيوٽيز منظور احمد قناصرو، ڊائريڪٽر جنرل لائبريريز سنڌ اعجاز شيخ، ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري، ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر روشن علي قناصرو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.