ڀائو زُلف جون ساروڻيون

غازي بجير

عوامي آواز جو سمورو سٿ پنهنجن ساٿين کي گهر ڀاتين جيئان ڀائيندو آهي،سٿ جي سرواڻ ڊاڪٽر جبار خٽڪ کان ويندي ناصر خٽڪ،عامر خٽڪ ۽ پوءِ ڀائو زُلف پيرزادو ۽ اقبال ملاح صاحب رپورٽرن جي باقائدي مالڪي ڪندا رهن ٿا،اُنهيءَ سموري سٿ جي قافلي ۾ وري ڀائو زُلف پيرزادو عوامي آواز جو ڊپٽي ايڊيٽر هجڻ ڪري تمام گهڻو رابطن ۾ رهندو هو،رپورٽرن جي هر سال ٿيندڙ ميٽنگن ۾ ڀائو جو شامل هجڻ تمام ضروري هوندو هو.

مون 2008ع کان اسلام ڪوٽ جهڙي ننڍڙي شهر جي اسٽيشن کان عوامي آواز ۾ رپورٽنگ شروع ڪئي،جنهن کان ويندي 2013ع ۾ ٿرپارڪر ضلعي تي بيوروچيف طور ذميواريون مليون،هلندي هلندي اڄ عوامي آواز ۾ ڪم ڪندي مونکي 16 سالن جو عرصو ٿي چُڪو آهي،اِنهي سفر دوران هر وقت ڀائو زُلف سان ملاقتن کان ويندي هر وقت مون رهنمائي حاصل ڪئي.

عوامي آواز ۾ رپورٽنگ دوران وڏن وڏن اشوز تي وڏي بهادري سان لکيوسين،ٿرڪول ۾ ڪمپنين طرفان مقامي ماڻهن سان ٿيندڙ زيادتين کي وڌ کان وڌ عوامي آواز رپورٽ ڪيو،گوڙاڻو اشوز هجي چاهي باقي مسئلا هجن عوامي آواز اول کان ويندي اڄ تائين ساڳئي نموني پنهنجن ماڻهن سان گڏ بيٺل رهي آهي،دودي ڀيل جي قتل واري مسئلي تي عوامي آواز سڀني کان وڌيڪ مسئلي کي رپورٽ ڪيو،ٿر ۾ ڏُڪاري حالتون هجن،معصوم ٻارڙن تي موت جا لامارا هجن توڙي مورن جو ڦٿڪي ڦٿڪي ساھ ڏيڻ به ڀائو زُلف کي ڏاڍو درد رسائيندو هو،ڪارونجهر کي ڪپيندڙن خلاف به عوامي آواز پير کوڙي اڄ تائين ميدان ۾ بيٺل آهي،

هنن سمورن مسئلن تي مون وس آهر پنهنجي قلم کي کولي لکيو آهي، اِنهيءَ دوران ڪمپنين کان وٺي ادارا سخت رپورٽنگ تي اداري کي شڪايتون به ڪندا هئا پر رپورٽنگ خالص اجتماعي مسئلن تي هجڻ ڪري ڊپٽي ايڊيٽر جي ڪرسي تي ويٺل ڀائو زُلف اُنهن کي حل ڪري ڇڏيندو هو ۽ وڏي واقعي چوندو هو ته اسان جو غازي غلط رپورٽنگ ڪري نه ٿو سگهي،مونکي چوندو هو ته او ٿر جا غازي تنهنجي خلاف ڪمپنين جي ايندڙ شڪايتن کي آئون دل تي هٿ هڻي چوندو هوس ته عوامي آواز غازي جي پنهنجي اخبار آهي،هو غلط رپورٽنگ ڪري نه ٿو سگهي جيڪڏهن ڪري ٿو ته ثابت ڪري ڏيکاريو باقي رپورٽنگ ۾ سوديبازي ڪرڻ عوامي آواز ڪڏهن سوچيو به ناهي،مالڪ جا لکين ڪروڙين ڪرم آهن جو اڄ تائين مون پنهنجي سٿ جي ساٿين جو ڀرم ناهي ٽوڙيو،

ڀائو زُلف ٿر جي سمورن اجتماعي معاملن کي پنهنجو ذاتي معاملو سمجهي ڪوريج ڏيارڻ ۾ مدد ڪندو هو،عوامي آواز ثابت ڪيو آهي ته ٿر جي مسئلن تي وڌ کان وڌ رپورٽ ڪرڻ جو ڪريڊيٽ به هن اداري جي کاتي وڃي ٿو،ڀائو زُلف اڪثر ڪري ميٽنگن ۾ کِلي چوندو هو ته عوامي آواز ٿر جي اخبار آهي هاڻي هڪڙي ڪاپي اسپيشلي طور ٿر مان نڪرڻ کپي،ٿيندو به ايئن آهي ته عوامي آواز ٿر جي مسئلن کي تمام وڏي اهميت ڏني آهي ۽ اڄ به ايئن هر مسئلو رپورٽ ٿيندو رهي ٿو،ڪو وقت هوندو هو ته ٿر جي خبر اخبارن ۾ فرنٽ پيج تي لڳڻ ڏاڍي مشڪل هوندي هئي،عوامي آواز جي منفرد ڪوريج اِهو ناممڪن کي ممڪن ڪري ڏيکاريو ۽ ٿر جون خبرون فرنٽ پيج تي لڳنديون رهيون،اهڙي ڪوريج ڏيارڻ ۾ ڀائو زُلف جي ڏينهن رات محنت شامل هوندي هئي،

ڀائو زُلف ٿر لاءِ ڪنهن اُڃايل مور پکي وانگر پيو تڙپندو هو،ميٽنگن ۾ ته ڀائو وقتن به وقتن ايندو رهندو هو،اسان جون ملاقاتون عام ٿينديون رهنديون هيون،اداري ۾ وڃڻ وقت ڀائو ڀاڪرن ۾ ڀري پيار ڏيندو هو،ڀائو جو پنهنجي فيملي سان ٿر اچڻ تمام مُشڪل ٿيندو هو،گذريل سال منهنجي تمام گهڻي اصرار تي ڀائو فيميلي سميت ٿر اچڻ لاءِ راضي ٿيو،مونکي ٿر نڪرڻ کان 2 ڏينهن اڳ چيو ته ڀائو اسان توهان جا مهمان ٿينداسين،مون چيو ڀائو اِها خوشي جهڙي ڳالهھ آهي،جنهن بعد اُتان اسان جي پياري بدين جي دوست رازق ڏني کوسي کي ساڻ وٺي ڀائو پنهنجي فيملي سان اسلام ڪوٽ پهتو،ساڻس گڏ ڀائو جي گهرواري اسان جي ڀيڻ خالده زُلف ۽ ڀيڻ ورثا وارا شامل هئا،ڀائو جي فيملي کي مون پنهنجي گهر ڏانهن موڪليو ۽ اسان گيسٽ هائوس تي ڪچهري ڪري وڏا وڏا ٽهڪ ڏناسين،صبح سوير ننگرپارڪر ڏانهن روانا ٿياسين،ڪارونجهر سميت سموريون پوائنٽون گهمياسين،شام جو سج لهڻ مهل واپس اسلام ڪوٽ پهتاسين،جتي پنهنجي گهر چانھ پيئي فريش ٿيڻ بعد سڀني ڪراچي نڪرڻ ڏانهن موڪلايو،مون ادي خالده،ڀيڻ ورثا ۽ ڀائو زُلف کي چيو ته ايندڙ وسڪاري ۾ 2 کان 3 ڏينهن موڪل وٺي اچجو هن دفعي تڪڙ تڪڙ ۾ پروگرام ٿيو آهي،ڀائو واعدو ڪيو ته هاڻي ٻه ٽي ڏينهن موڪل ڪري اچبو، ادي خالده مونکي چيو ته ادا توهان فيملي سان اسان ڏي ڪراچي ضرور اچجو،مون به ها ڪئي ۽ ڀائو وارا روانا ٿيا،هاڻي هن سال ڀائو ڪيل واعدي مطابق وسڪاري ۾ اچي ها،گذريل ڏينهن صبح سوير هڪڙو ميسيج ڏٺوسين جنهن پير هيٺيان زمين کسڪائي ڇڏي،جنهن ۾ لکيل هو ته عوامي آواز جو ڊپٽي ايڊيٽر ڀائو زُلف پيرزادو دل جو دورو پوڻ ڪري لاڏاڻو ڪري ويو،مونکي يقين نه پئي آيو،وري عوامي آواز واري واٽس ايپ گروپ ۾ ناصرخٽڪ صاحب جو هڪ ڏُکارو ميسيج ڏٺو ۽ پڪ ٿي وئي ته يار جُدائي ڪري ويو آهي،اِهو ٻُڌي وڏو ساھ ڀريندي دل کي آٿت ڏني سين ته رب جي رضا آڳيان ڇا ٿو ڪري سگهجي،فيس بڪ کوليوسين ته پوسٽن مٿان پوسٽون لڳل هيون،

ڀائو زُلف پيرزادو سنڌي صحافت جو”ڀائو“هو،هن پنهنجي سڄي زندگي مظلوم ۽ بيپهچ عوام لاءِ وقف ڪري ڇڏي،فقير منش ماڻهو هو،فقيراڻي ويس ۾ رهندو هو،ڪڏهن وڏائي محسوس نه ڪيائين،هُو عوامي آواز ۾ جنهن ڪرسي تي ويٺو هو اُها ڪرسي ڪا معمولي نه هئي،ڀائو چاهي ها ته مال ملڪيت ميڙي ٿي سگهيو پر هن بهادر ۽ دلير پُٽ پنهنجي اصولن تي رهندي پاڻ کي باوقار ۽ سچي صحافي طور ثابت رکيو،عوامي آواز کي نواڻ آڻڻ ۾ هن شخص ڊاڪٽر جبار خٽڪ جو جيئن جو تئين ساٿ ڏنو،اڄ سمورو سٿ ۽ سڄي سنڌ ڀائو جي وڇوڙي تي ڏُکاري آهي،آئون عوامي آواز جي سموري سٿ،ادي خالده،ڀيڻ ورثا سميت پنهنجو پاڻ سان تعزيت جو اظهار ڪريان ٿو،ڀائو زُلف جو وڇوڙو اسان سڀني لاءِ هڪ وڏو سانحو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.