چونڊن ۾ سنڌ اندر پ پ جي پوزيشن: هڪ جائزو

سنجي سادھواڻي

پيپلز پارٽي  سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي کانسواءِ سڄي سنڌ جي سمورن ضلعن جي  قومي اسيمبلي جي 39 مان 33 سيٽن کٽڻ، جڏهن ته 2 سيٽن هارائڻ ۽ 4 سيٽن تي مقابلي جي پوزيشن ۾ آھي.سنڌ جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 190 جيڪب آباد تي مقابلي  جو امڪان آهي، گذريل چونڊن ۾ هن سيٽ تان پي ٽي آءِ جو محمد ميان سومرو ڪامياب ٿيو هو، جڏهن ته هزارين ووٽ رد ٿيا هئا. جيتوڻيڪ هن تڪ تي  اعجاز جکراڻي جي پوزيشن مضبوط آهي، پر ممتاز جکراڻي جي پ پ کان بغاوت ۽ جي يو آءِ ف، جي محمد ميان سومرو جي حمايت ان سيٽ تي مقابلي جو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو آهي.

اين اي 191 جيڪب آباد ڪم ڪشمور واري  تڪ ۾ مزاري برادري جو ووٽ بئنڪ وڌيڪ آهي. پيپلز پارٽي اڳوڻي وزير احسان مزاري جي بدران علي جان مزاري کي ٽڪيٽ ڏني آهي. هن سيٽ تي گهڻو مقابلو ناهي، پيپلز پارٽي سولائي سان سيٽ کٽي ويندي.

اين اي 192 ڪشمور ڪم شڪارپور هن سيٽ کي ٻن ضلعن ۾ ضم ڪيو ويو آهي. گذريل اليڪشن ۾ پ پ جو عابد ڀيو ھي سيٽ کٽيو هو، هن ڀيري پيپلز پارٽي ڀيو برادري کي ڪا به صوبائي يا قومي سيٽ نه ڏني آهي. هن تڪ ۾ جمعيت جو ووٽ بئنڪ آهي، جتوئي،جمعيت  پ پ پ مخالف گڏجي ملڪ شبير بجاراڻي سان مقابلو ڪري رھيا آهن، مقابلي جو امڪان آهي. پر مان سمجهان ٿو ته شبير هن سيٽ کٽي ويندو. ٿوري تڪليف ٿيندي. ڇاڪاڻ ته هتي پاڻ ۾ تڪرار آهي

اين اي 193 شڪارپور هي سيٽ اصل ۾ غوث بخش مهر خاندان جي آھي.هتي گذريل اليڪشن ۾ ذوالفقار ڪمار يو  پيپلز پارٽيءَ طرفان مقابلو ضرور ڪيو ھو.پر پيپلز پارٽيءَ لاءِ هتي برادري جي ووٽن سبب ڪاميابي ممڪن نه هئي. اهو ئي سبب آهي ته غوث بخش مهر کي ڪجهه عرصو اڳ پيپلز پارٽي ۾ شامل ڪرايو ويو. هاڻي شهريار مهر ان سيٽ تي پ پ طرفان اميدوار آهي. سٺو ڳالهائيندو آھي ۽ تعليم يافته آهن  ۽ سيٽ آساني سان کٽي ويندو.

اين اي 194 لاڙڪاڻو. بلاول ڀٽو زرداري آساني سان کٽيندو. ڇاڪاڻ ته هن ڀيري لاڙڪاڻي ۾ عباسي خاندان ۽ جي يو آءِ، جي سومرو برادران کانسواءِ ڪو به مخالف ناهي، پ پ هن سيٽ کي ٻگھيا، سيال، سومرو ۽ انڙ برادري کي، صوبائي سيٽن تي ايڊجسٽ ڪيو آهي.

اين اي 195 لاڙڪاڻو سردار نذير ٻگھيو، هتان پ پ اميدوار آهي ۽ هتي خاص مقابلو نه ٿيندو.ٻگھيو آسانيءَ سان کٽندو.

اين اي 196 بلاول ڀٽو زرداري قمبر شهدادڪوٽ هي روايتي طور تي ڀٽو خاندان جي اباڻي سيٽ آهي. آفتاب شعبان ميراڻي کي  آرام ڪرايو ويو آهي، سندس ڌيءَ کي مخصوص سيٽ تي ايڊجسٽ ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته ھتي ڪو  خاص مقابلو ناهي، ان ڪري اها خانداني سيٽ بلاول کي ڏني وئي آهي، لاڙڪاڻي ۽ قمبر مان ڪاميابي جي صورت ۾، چيو پيو وڃي تھ ڪنھن ھڪ سيٽ تان آصفه ڀٽو کي بيهاريو ويندو.

اين اي 197 قمبر شهدادڪوٽ، مگسي خاندان جو هتي وڏو اثر آهي ۽ هو هر ڀيري آرام سان هي سيٽ کٽيندو آهي، گذريل اليڪشن ۾  عامر علي خان مگسي 80 هزار ووٽ کنيا هئا، جڏهن ته کيس مخالف اميدوار کان 67 ووٽن جي برتري حاصل هئي. ان ڪري اها سيٽ به عامر مگسي آرام سان کٽيندو.

اين اي 198 گهوٽڪي خالد احمد لنڊ پيپلز پارٽي جو اميدوار آهي، هتي ماضيءَ ۾ زبردست اليڪشن ٿيندي رھي آهي، گهوٽڪي جي هن سيٽ تي انتهاپسند ووٽ يعني ميان مٺو  مقابلي ۾ ھوندو آھي. گذريل اليڪشن ۾مقابلو ٿيو ھو، خالد لنڊ کي 99889 ووٽ مليا هئا، ميان مٺو. 91752 ووٽ کنيا هئا، پر هن ڀيري هن سيٽ تي ڪو به مقابلو نظر نٿو اچي، صورتحال ٻڌائي رهي آهي ته خالد لنڊ  آساني سان کٽيندو. ڇاڪاڻ ته گذريل اليڪشن ۾ هتي مھر سردار جدا ھئا،علي گوهر ميان مٺو جو حامي هو.

اين اي 199 علي گوهر مهر. گهوٽڪي هي سيٽ مهر خاندان جي آھي. گذريل اليڪشن ۾ علي محمد خان مهر آزاد حيثيت ۾ ڪامياب ٿيو ھو. جنهن بعد هن پي ٽي آءِ ۾ شموليت اختيار ڪئي. سندس وفات کان پوءِ پيپلزپارٽيءَ مان محمد بخش مهر ضمني چونڊ ۾ ڪامياب ٿيو، هتي علي گوهر مهر جي ڪاميابي يقيني آهي.

اين اي 200 نعمان اسلام شيخ اميدوار آهي، نون تڪن جا نمبر تبديل ٿي ويا آهن،نھ تھ سکر  1 تان خورشيد شاهه ۽ سکر 2 تان نعمان اسلام بيھندا ھئا. هن ڀيري نعمان اسلام شيخ جو سکر ون تي اھو مقابلو نھ آھي.جيڪو 2018ع ۾ هو، ڇاڪاڻ ته نعمان اسلام 2018ع ۾ 70 هزار ووٽ کنيا هئا، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي مبين جتوئي ڀرپور مقابلو ڪندي 60 هزار کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا هئا. پر ڇاڪاڻ ته هن ڀيري پي ٽي آءِ ٽڙيل پکڙيل آهي، ان ڪري نعمان اسلام شيخ لاءِ کٽڻ آسان آهي

اين اي 201 سکر. خورشيد شاهه  اميدوار آهي. کيس اليڪشن وڙهڻ ۽ کٽڻ ايندي آهي. فتح هتي خورشيد جو مقدرآهي. هتي گذريل اليڪشن ۾ طاهر حسين شاهه جو مقابلو خورشيد شاهه سان ضرور ٿيو هو، پر خورشيد شاهه کي 84708 ووٽ مليا هئا، طاهر شاهه کي 58 هزار ووٽ مليا هئا، پر هاڻي صورتحال مختلف آهي ۽ اها خورشيد شاهه جي حق ۾ آهي.

اين اي 202 خيرپور نفيسه شاهه اها سيٽ آرام سان کٽيندي، هتي گهڻو مقابلو ناهي، پر پيري مريدي ووٽ وڌيڪ هجڻ سبب هتي جهيڙا معمول آهن، جنهن ڪري هي حلقو اڪثر بحث هيٺ رهيو آهي، گذريل اليڪشن ۾ نفيسا شاهه هتان کٽي هئي. هن 1 لک 7 هزار کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا، جڏهن ته سندس مخالف اڳوڻي وڏي وزير سيد غوث علي شاهه 58203 ووٽ حاصل ڪري سگهيو. ان ڪري هن سيٽ جو مقابلو نه سمجهيو وڃي

اين اي 203 پير فضل علي شاهه جيلاني، هي سيٽ هميشه فسادن جو مرڪز رهي آهي. گذريل اليڪشن ۾ صورتحال معمول کان وڌيڪ خراب هئي. پير صدرالدين شاهه راشدي هن سيٽ جي مقابلي ۾ آهي، ڇو ته حر جماعت کي هتي تمام گهڻا ووٽ آهن، وڙهندڙ ووٽر آهن. گذريل اليڪشن ۾ فضل شاهه کي 95 هزار 972 ووٽ حاصل ڪيا هئا، جڏهن ته صدرالدين شاهه 76 هزار 73 ووٽ کنيا هئا، پر هن ڀيري مقابلي جو سبب اهو سمجهيو پيو وڃي. ڇو ته راڻي پور جو پير، حويلي  واقعي ۾ مدد نه ملڻ تي فضل شاهه کان واقعي ناراض آهي. ان لاءِ هتي سخت مقابلو آهي. پر جيڪڏهن صورتحال پ پ جي حق ۾ رهي ته سيٽ کٽي سگهجي ٿي پر سخت مقابلو ٿيندو.ان کانپوءِ اين اي 204 خيرپور جاويد علي شاهه جيلاني آھي، گذريل اليڪشن ۾ جاويد شاهه 90 هزار ووٽ کنيا جڏهن ته ڪاظم شاهه 78 هزار ووٽ کڻي هارائي ويو. هن ڀيري به اهڙا مقابلا ممڪن آھن.

اين اي 205 نوشهروفيروز. ابرار شاهه پيپلز پارٽي جو اميدوار آهي، ابرار شاهه اها سيٽ ٻيهر آسانيءَ سان کٽيندو، ڇاڪاڻ ته هن ڀيري شهروفيروز  ۾ستار راڄپر پيپلز پارٽي ۾ واپس اچي ويو آهي، جڏهن ته سندس سامهون ظفر علي شاهه وارا آهن، پر پ پ جا مکيه ووٽر ابرار شاهه جي ڪاميابيءَ ۾ اھم ڪردار ادا ڪن ٿا. گذريل اليڪشن ۾ پ پ جي ابرار شاهه 1 لک 10 هزار 967 ووٽ کنيا هئا. جڏهن ته ظفر علي شاهه 80 هزار ووٽ حاصل ڪري سگهيو ھو.

اين اي 206 نوشهروفيروز، ذوالفقار علي بهڻ هتي به هر اليڪشن وانگر هن ڀيري به مقابلو ٿيندو، مرتضيٰ جتوئي خاندان جو وڏو اثر رسوخ آهي، پيپلز پارٽيءَ  سان مقابلي جي قوت رکي ٿو. گذريل اليڪشن ۾ پ پ پ اميدوار ڪامياب ٿيو ھو ۽ 90 هزار 663 ووٽ حاصل ڪيا هئا، جڏهن ته غلام مرتضيٰ 84 هزار  544 ووٽ حاصل ڪيا هئا، ھن ڀيري مقابلوو سمجھيو پيو وڃي.

پرمسلسل حڪومت کان ٻاھر ايندڙ حڪومت پ پ جي جڙڻ جي چانسز سبب ذوالفقار علي بهڻ جي پوزيشن مضبوط آهي.

اين اي 207 تي آصف علي زرداري اميدوار آهي.ھو آساني سان ۽ وڏي مارجن سان کٽندو. گذريل اليڪشن ۾ سردار يار محمد رند آصف زرداري جي مقابلي ۾ 54 هزار کان وڌيڪ ووٽ کنيا هئا، جڏهن ته آصف زرداري هڪ لک ھڪ ھزار ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو هو. پر هن ڀيري رند صاحب ميدان ۾ ناهي.

اين اي 208 نوابشاهه. غلام مصطفيٰ شاهه بمقابله زين شاهه ،پيپلز پارٽي جي اميدوار غلام مصطفيٰ شاهه جي ڪاميابي يقيني آهي، پر سوشل ميڊيا تي وڌيڪ شور آهي ڇو ته مقابلي ۾ اميدوار زين شاهه قومپرست سياست ڪري رهيو آهي ۽ سوشل ميڊيا تي ڪافي مشهور آهي. جيتوڻيڪ گذريل اليڪشن ۾ هتان غلام مصطفيٰ شاهه 1 لک 10 هزار 921 ووٽ کنيا هئا، جڏهن ته زين شاهه 54 هزار کان وڌيڪ ووٽ کنيا ھئا.                                       (هلندڙ)

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.