ملڪي سياست جو نئون منظر نامو

علي محمد ميمڻ

ملڪ ۾ عام چونڊن واريون تياريون ۽ اليڪشن ڪميشن جون تياريون ھاڻي آخري  مرحلي ۾ داخل ٿي چڪيون آهن. اليڪشن ڪميشن طرفان عام چونڊن لاءِ ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسرن ۽ ريٽرننگ آفيسرن کي مئجسٽريٽ جا اختيار ڏنا ويا آهن .اليڪشن ڪميشن طرفان ڊي آر اوز ۽ آر اوز کي اختيار ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. اهڙي ريت، ملڪ جي سمورين وڏين ۽ ننڍين جماعتن سميت  ميدان ۾ لٿل هزارين اميدوارن جي ملڪ ۾ جاري سرگرم اليڪشن مهم سان هن وقت ملڪ ۾ هرپاسي چونڊن وارو ماحول پنهنجي ڀرپور رنگ ۾ نظر اچي رهيو آهي. ملڪ ۾ هلندڙ چونڊ مهم ۾سڀ کان وڌيڪ سرگرم مقابلا جلسا ۽ عوامي رابطا مهم  جوش پاڪستان پيپلز پارٽي، مسلم ليگ ن  ۾ هڪٻئي جي  حڪومتن جي ڪارڪردگي ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ عوام لاءِ چونڊ منشور بابت سوال اٿاريا پيا وڃن ۽ هڪٻئي جي جوابن تي جوابي وار ۽ للڪارن سان گهٽ ۾ گهٽ انهن ٻنهي جماعتن کي کلئي نموني هڪٻئي خلاف اچڻو پئجي رهيو آهي. ٽئين پاسي پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ ان جي ڌار ٿيل اليڪٽيبلز ۽ اثرائتن شخصيتن ۽ ڌرين طرفان الڳ الڳ جماعتون ٺاهي هڪٻئي خلاف مهمون هلائڻ سان پڻ ملڪ ۾ اليڪشن وارو ماحول ٺهڻ ڪري عوام جي عام چونڊن ۾ دلچسپي پڻ وڌي ويئي آهي.

ملڪ جي هنن 2024ع وارين عام چونڊن ۽ چونڊن وارو ماحول ٺاهڻ ۾ يقينن پاڪستان پيپلز پارٽي جي جي جوشيلي نوجوان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سياسي مخالفن کي للڪارڻ ۽ مسلم ليگ ن جي سربراهه ميان محمد نواز شريف ۽ پي ٽي آء جي سربراهه عمران خان جي سياست ۽ ڪارڪردگي  بابت سخت سوال اٿارڻ ۽ سموري ملڪ ۾ لڳاتار گذريل ٻن مهينن کان جاري چونڊ مهم ڪري هر طرف سياسي سرگرميون وڌڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ته اهو چوڻ وڌاءُ نه ٿيندو. مسلم ليگ جي ميان نواز شريف جي سياست بابت اهو تاثر هو ته هن کي ملڪ ۾ خاص طورتي چوٿون ڀيرو وزير اعظم بڻائڻ لاءِ ئي آندو ويو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي سياست ۽ عام چونڊن واري سياسي مهم ذريعي نه صرف انهي سوچ خلاف هڪ احتجاج  بلند ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي پر چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي احتجاجي سياست ۽ للڪارن کي سموري ملڪ جي عوام ۾ مليل شاندار مڃتا عوام ۾ پيدا ٿيندڙ نئين سگهاري سوچ کي منظر عام تي آڻڻ  ۾ نه صرف ڪاميابي حاصل ڪئي آهي پر ملڪ ۾ انتقامي سياست ۽ عوام مخالف آمراڻي سياست خلاف پڻ هڪ وڏو آواز ۽ عوامي ردعمل بنجي اڀرڻ ڪري ملڪ جو سمورو سياسي ماحول ئي تبديل ٿيندو نظر اچي رهيو آهي ۽ نئين لاڏلي ڪپتان خان جي سياست تي ڪارا ڪڪر ڇائنجڻ بعد پراڻي لاڏلي شينهن واري خاندان لاءِ پڻ مفت ۾ ملڪ جو اقتدار اعلي حاصل ڪرڻ ۽ ملڪ جو حڪمران بنجڻ وارو خواب ۽ خيال پڻ خطرن ۽ لوڏن جو شڪار ٿيندو نظر اچڻ ڪري  وڏي شينهن کي آخرڪار پنهنجي محل مان ٻاهر نڪري سخت سياري واري موسم کي برداشت ڪرڻ عوامي پچاڻن کي منهن ڏيڻ تي مجبور ٿيڻو پيو آهي .

ملڪ ۾ عمران خان ۽ ۽ سندس سياست تي عملي طور تي بندش بعد ميان صاحب لاءِ پاڻمرادو جيڪو سمورو ميدان صاف ٿي ويو هو ۽ ملڪ تي پنجون ڀيرو به شينهن واري خاندان جي حڪمراني قائم ٿيڻ ۽ کين جلون ۽ حلون واريون ديڳيون جيڪي کي پنهنجي لاءِ تيار ٿيندي نظر اچي رهيون هيون ته انهن کي خطري جوشڪار پاڪستان پيپلز پارٽي جي سموري ملڪ ۾ سرگرم عوامي رابطا مهم ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وارين للڪارن ۽ احتجاجي سياست يقينن خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. هاڻي ايئن نظر رهيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي پڻ مسلم ليگ نواز کي سخت مقابلي جو شڪار ڪري وڌو آهي ۽ عوامي ۾ ٻنهي پاسي نظر ايندڙ مقبوليت وارن نظارن ۽ منظرن مان اهي امڪان وڌي ويا آهن هنن چونڊن ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۾ ٻنهي ڌرين پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ نواز جون سيٽون  ٿورڙي فرق سان لڳ ڀڳ هڪ جيتريون اچي سگهن ٿيون ۽ جڏهن ته سنڌ ۽ بلوچستان صوبن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڪثريت واريون حڪومتون قائم ٿي سگهن ٿيون .پنجاب ۽ خيبرپختونخواه ۾ پڻ پاڪستان پيپلز پارٽي جون سيٽون وري  گهڻيون وڌي سگهن ٿيون پنجاب ۾ انهن ٻنهي جماعتن جي ڪامياب جلسن ۽ عوام ۾ وڌيل مقبوليت کي ڏسندي اهو چئي سگهجي ٿو ته، جيڪڏهن عوامي مقبوليت ۽ مڃتا وارا اهي منظر اهڙي ئي ريت اليڪشن واري ڏينهن 8 فيبروري تي انهي ترتيب سان ووٽن ۾ تبديل ٿين ٿا ته پوءِ انهن ٻنهي جماعتن جي صوبائي اسيمبلي جي سيٽن ۾ پڻ گهٽ فرق هوندو  ۽ قومي اسيمبلي ۽ انهن ٻن صوبن ۾ پڻ آزاد اميدوارن جي هڪ وڏي تعداد جي ڪامياب ٿيڻ ڪري  وفاق ۽ انهن ٻن صوبن ۾ پڻ گڏيل حڪومتون يا اتحادي حڪومتون ٺهي سگهن ٿيون.

عام چونڊن واري عوامي رابطا مهم ۽ جلسن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جا هر جاء تي اهي خطاب ته نون ليگ ۽ نواز شريف هاڻي عوام کي بيوقوف نٿا بڻائي سگهن، رائيونڊ وارا سمجهن ٿا ته پاڻمرادو اليڪشن کٽي ويندا، هو گهر مان نڪرن نٿا ۽ اليڪشن کٽڻ جا خواب ڏسي رهيا آهن.  ماڻهن جي وفاداري کي سلام پيش ڪيان ٿو، الڪيشن 8 فيبروري تي آهي پر عوام اڄ ئي پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي .بلاول ڀٽو  جو اهو چوڻ ته هڪ جماعت معاشري ۽ ادارن کي ورهائي ڇڏيو، اڄ ڀاءُ ڀاءُ سان وڙهي رهيو آهي. هو نفرت ۽ ورهائڻ واري سياست کي دفن ڪري، پوري پاڪستان کي جوڙيندو. هارين کي ڪارڊ ذريعي سڌي ريت سبسڊي ڏينداسين، عوام کي ٽي سئو يونٽ تائين بجلي مفت ملندي، جڏهن ته پنجاب جو وڏو وزير ڏکڻ پنجاب مان هوندو. سندس چوڻ موجب، نون ليگ ۽ نواز شريف کي هڪ ڀيرو وري تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته نون ليگ ۽ نواز شريف هاڻي عوام کي بيوقوف نه ٿا بڻائي سگهن، رائيونڊ وارا سمجهن ٿا ته پاڻمرادو اليڪشن کٽي ويندا،  ميان نواز شريف گهر مان نڪرن بنا اليڪشن کٽڻ جا خواب ڏسي رهيا آهن، هن جو چوڻ هو ته هو هاڻي نواز ليگ سان گڏ نٿا هلي سگهون. هن طرفان عوام کي اپيل ڪئي پئي وڃي ته عوام 8 فيبروري تي نڪري ۽ نواز شريف جو رستو روڪي، عوام سوچي سمجهي ووٽ ڪاسٽ ڪري ان کي ضايع نه ڪري، عوام ۽ پيپلز پارٽي سان گڏجي شينهن جو شڪار ڪرڻ لاءِ نڪرن ۽ ان جو شڪارڪري پنهنجي حڪمراني قائم ڪن.  هن جي چوڻ موجب جمهوريت پسند قوتن سان گڏجي معاشي چئلينجز جو مقابلو ڪنداسين، گڏجي مهانگائي، غربت ۽ بيرزوگاري جو خاتمو ڪري هڪ ترقي يافتا ۽ خوشحال پاڪستان بڻائينداسين. بلاول ڀٽو طرفان انهن نقطن کي پنهنجي چونڊ مهم ۽ عوام جي اهم مسئلن کي منشور جو حصو بنائڻ جا اثر عوام جي موٽ جي صورت ۾ پڻ نظر اچي رهيا آهن.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.