مداخلت

امر جليل

ارادو ھو، ارادو ھاڻي به آهي ته ڪجهه ڏينهن تائين ڪراچي جا قصا،ڪراچي جون ڪهاڻيون لکندس.ڪراچي منهنجو شهر ناهي،ڪراچي منهنجو ملڪ آهي. ٺيڪ ٻڌو آھي توهان، ڪراچي منهنجو ملڪ آهي.ڪراچي منهنجو وطن آهي، ان جي پنهنجي تھذيب آهي.تمندن آھي،ثقافت آھي، منهنجي ملڪ جي پنهنجي زبان آهي. ورهاڱي کان اڳ منهنجي ملڪ جي ٻولي اردو، هندي،سنڌي،گجراتي، ڪڇي، مارواڙي، بلوچي ۽ انگريزي لفظن تي ٻڌل هئي. ٻڌل ٻڌايل ڳالھه مان توهان کي نھ پيو ٻڌايان . مان اُن دور ۾ زندھ رھيو آهيان. اھا ئي ٻولي ڪراچي ۾ ورهاڱي ٿيڻ تائين ڳالهائيندو رهيو آهيان. ”توبو مبڙي ڪاھي ڪو مارتا ھي“ يعني ”تون رڙيون ڇو ٿو ڪرين“ ورھاڱي کان اڳ اھڙي ھوندي ھئي منھنجي وطن جي ٻولي،منھنجي ملڪ جي ٻولي.

مان توھان کي پنهنجي وطن جون ڪھاڻيون ٻڌائڻ چاهيان ٿو. پر اسان جيڪو چوڻ چاھيون ٿا.چئي نٿا سگهون.ڪنھن ملڪ ۽ سماج ۾ توھان اڪيلا ناهيو رهندا.ھڪ دنيا اوهان جي چوڌاري آباد ھوندي آھي توهان اُن کي نظرانداز نه ٿا ڪري سگهو.انھن جون اکيون ۽ ڪن کليل ھونداآهن. انهن جا هٿ ٻڌل نھ ھوندا آهن. انھن جا پير زنجيرن ۾ جڪڙيل نه ھوندا آهن. اهي روئي سگهن ٿا، اهي کلي سگهن ٿا، اهي ڳائي سگهن ٿا، اهي نچي سگهن ٿا، ٽپا ڏئي سگهن ٿا. توهان هڪ شور ۾ رچي بسي ويندا آھيو، شور ۾ گھٽ وڌائي  توهان جي ڌيان کي ڌوڏي ڇڏيندي آھي.توھان پنھنجا ڪم ڪار ڇڏي پنھنجي تڙپ جو علاج ڪرڻ چاھيندا آھيو، ان سان ٿيندو ڪجھه خاص تھ ناھي، توھان سوالن جوابن جي ڪٽھڙي ۾ پاڻ کي بيھاري ڇڏيندا آھيو.

ميڊيا جي مشينن، خاص ڪري ڪئمرائن، چڱن ڀلن،ڏسڻن وائسڻن ماڻهن جي مت ماري ڇڏي آھي. انهن کي لوڏي ڇڏيو آھي. اهڙن متاثرين ۾اعليٰ عهدن تي براجمان صاحبان خاص طور تي نمايان نظر اچن ٿا.اهي ميڊيا مان روزي روٽي ڪمائيندڙ پيشورن جيان فقري بازي ڪنداآهن.ماڻهن کي کلائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا آهن،  نوان پراڻا لطيفا گھڙي آڻيندا آھن،ڇسو لطيفو ٻڌائڻ  کانپوءِ پاڻ ئي کلي کلي کيرا ٿيندا آھن.تيستائين  کلندا رهندا آهن، جيستائين ماڻهو اٿي ڪري تاڙين وڄائڻ جو سيشن شروع نھ ڪن. ان سلسلي ۾ مختصر طور ڪجهه چوڻ چاهيان ٿو ۽ ان کان پوءِ ڪراچي جي ڪهاڻين جو سلسلو جاري رکندس. مداخلت لاءِ معافي جو طلبگار آھيان.

هڪڙي اڪيلي عمران خان سڄي ملڪ جي سياستدانن کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو آهي. بلڪھ وائڙو ڪري ڇڏيو آھي.انهن جي سڀني کان وڏي پريشاني جو هڪ بنيادي سبب آهي. اهي سچ پچ عمران خان کي سياستدان سمجهي رهيا آهن. اها ئي ڳالهه عمران خان جي مخالف  ادران ۽ ادارن جي اھم ماڻھن کي سمجهه ۾ نھ پئي اچي. انهن ماڻهن کي به الله تعاليٰ جي حضور توبهه تائب ٿيڻ گهرجي، جيڪي هڪ سپر اسٽاراسپورٽس  مين کي راندين جي ميدان مان کڻي آيا آھن ۽ ھن کي پاڪستان جي سياست ۾ ڌڪي ڇڏيو آھي. عمران مخالف سياستدانن ۽ ادارن کي سمجهڻ گهرجي ته انھن جو مقابلو  عمران خان سياستدان سان نه آھي.انهن کي ذهن نشين ڪري ڇڏڻ  گهرجي ته انھن جو مقابلو  هڪ بين الاقوامي شهرت ۽عزت و احترام رکندڙ رانديگر جي غير معمولي شهرت سان آهن. عمران خان کي گھٽ ڏيکارڻ  جي ڪوشش ڪندڙن کي ياد رکڻ گهرجي ته انهن جو مقابلو ھڪ سياستدان سان ناھي، بلڪھ ھڪ سپر رانديگر سان آهي، عمران خان سان  مقابلو ڪرڻ ايئن آھي جيئن  ارجنٽينا جي سياستدان ۽ ادارا ميرا ڊونا سان مقابلي تي لھي اچن.اسان مڃون نھ مڃون، قسمت جا کيل نرالا ھوندا آھن.ارڙھن سالن تائين ورلڊ  چيمپيئن رهندڙ جهانگير خان کي اها شهرت نه ملي جيڪا شھرت عمران خان جي حصي ۾ آئي،عمران خان ڏھن رانديگرن سان گڏ ميدان ۾ لھندو ھو. جهانگير خان اڪيلي سر اسڪوائش ڪورٽ ۾ لھندو ھو. ڪرڪيٽ هڪ ڏھن پندرھن  ملڪن ۾ کيڏي ويندڙ راند آهي. اسڪوائش ستر، اسي ملڪن ۾ کيڏي ويندڙ راند آهي.ھاءِ قسمت! ڇا ڪجي جيڪا بين الاقوامي شهرت عمران خان جي حصي ۾ آئي.شھرت ۽ پذيرائي نامور رانديگرن کي ملي ويندي آھي،پر ڪيرزما،چقمقي ڪشش ڪنھن ڪنھن رانديگر جي حصي ۾ ايندي آھي.دنيا جو ڪو سياستدان ڪيرزمان،چقمقي ڪشش ۾ ميراڊونا ۽ ميسي جو مقابلو نٿوڪري سگھي. جيڪڏهن هندستاني سياستدان جي مت کسجي وڃي ۽ اهي ٽنڊولڪر ۽ شاهه رخ خان سان مقابلي جو ارادو ڪن تھ انھن جي مٽي پليد ٿي ويندي.

رانديگرن ۽ سياستدانن جي وچ ۾ برابري واري ڳالهه مان سياست جي حوالي سان ڪري رهيو آهيان. رانديگر هجن يا سياستدان، انهن سڀني جي عمل جو دائرو  پنهنجي پنھنجي ھنر سان  سان لاڳاپيل هوندو آهي.جھڙي ريت  اولمپڪ  راندين ۾، پھلوانن جو  مقابلو پھلوانن سان ٿيندو آھي. پھلوانن کي سئو ميٽر جي ڊوڙ ۾ اوسان بولٽ سان مقابلو نٿو ڪرائي سگھجي.سالن کان سياست جي دنيا ۾ ڀٽڪندڙ سياستدان  کي اھا ننڍڙي ڳالهه سمجهه ۾ اچڻ گهرجي. اول تھ اھو شخص يا اھي ماڻهو غلط ھئا جيڪي  عمران خان کي راند جي ميدان مان ڪڍي کڻي آيا ھئا، ۽ ٻيو اھو ته سياستدانن سپر اسپورٽس مين کي سياستدان  سمجھي ڪري ھن جي خلاف بيھي رھيا آھن ۽ خدا ڀلو  ڪري اسان جي فاسٽ بالر جو ،جيڪو سچ پچ پنھنجو پاڻ کي سياستدان سمجهي رھيو آھي.ڪو تھ مرد مومن  عمران خان کي  سمجهائي تھ سياست اوهان جي وس جو روگ نھ آھي.توهان سوشل ريفارمر آھيو ۽ اھو ڪم توهان سياست ۾ اچڻ کان اڳ به ڪري رهيا هئا. توھان اسپتال ٺهرايو. يونيورسٽيون ٺهرايو. پاڪستانين کي پڙھايو، پاڪستانين کي صحتمند بڻايو.           (روزاني جنگ جي ٿورن سان )

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.