ڪوهستان (م ڊ) ڪوهستان ۾ عورتن جي چونڊ مهم هلڻ تي پابندي جي فتويٰ تي اليڪشن ڪميشن خبردار ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته چونڊن دوران ڪنهن عورت کي چونڊ مهم هلائڻ يا ووٽ وجهڻ کان روڪيو ويو ته اليڪشن ڪميشن ڪارروائي ڪندي،ي ڪميشن جي مطابق تڪ ۾ چونڊن جو عمل ڪالعدم به قرار ڏئي سگهجي ٿو. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو ته ڊسرڪٽ مانيٽرننگ آفيسر ڪوهستان رپورٽ ۾ واضح ڪيو ته خبر درست ناهي ۽ هي غلط فهمي جو نتيجو آهي.