راولپنڊي (م ڊ) سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي 10، 10 سال پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي وئي. ٻڌڻي جي شروعات تي جوابدارن اڳوڻي وزيراعظم ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير کي قلم 342 جو سوال نامو ڏنو ويو جنهن تي پي ٽي آءِ باني 342 تحت پنهنجو بيان عدالت ۾ رڪارڊ ڪرايو. پي ٽي آءِ باني جو بيان مڪمل ٿيڻ بعد عدالت پڇاڻو ڪيو ته اوهان کان سولو سوال آهي، سائفر ڪٿي آهي؟ پي ٽي آءِ باني جواب ڏنو ته مان اهو ئي بيان ۾ چيو آهي ته مون کي خبر ناهي، سائفر منهنجي آفيس ۾ هو. ان موقعي تي جج ٻنهي جا نالا وٺي چيو ته مون ڏانهن ڏسو، مان اوهان کي 10، 10 سال قيد جي سزا ٻڌايان ٿو. فيصلو ٻڌائڻ بعد جج ابو الحسنات محمد ذوالقرنين عدالت مان اٿي هليو ويو جڏهن ته فيصلي بعد شاهه محمود قريشي احتجاج ڪندي چيو ته منهنجو ته اڃا بيان ئي رڪارڊ ناهي ٿيو. اڳوڻي وزيراعظم ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير کي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ عدالت جي جج ابو الحسنات محمد ذوالقرنين جوابدارن جي موجودگي ۾ عدالت ۾ مختصر فيصلو جاري ڪندي سزا ٻڌائي. پي ٽي آءِ جي باني خاص عدالت جي سامهون 342 جو بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته سائفر منهنجي آفيس ۾ هو، ذميواري پرنسپل سيڪريٽري ۽ ملٽري سيڪريٽري جي هوندي آهي. ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اصل سازش ڪيئن ٿي. بيان رڪارڊ ڪرائيندي پي ٽي آءِ باني چيو ته ساڍا 3 سالن اندر وزيراعظم طور رڳو سائفر جو رڳو هڪ دستاويز غائب ٿيو. پي ٽي آءِ باني پنهنجي بيان ۾ چيو ته سائفر غائب ٿيڻ تي ملٽري سيڪريٽري کي چيو ته ان جي انڪوائري ڪيو. جنهن تي ملٽري سيڪريٽري چيو ته انڪوائري ڪئي سائفر جو ڪو ثبوت ناهي مليو، پي ٽي آءِ باني چيو ته 2 ڪروڙ 30 لک ووٽن سان چونڊيل وزيراعظم کي ڪڍيو ويو. چونڊيل وزيراعظم جي خلاف سازش ۾ جنرل باجوا ۽ ڊونلڊو لو شامل هو. حسين حقاني جنرل باجوا جي چوڻ تي منهنجي خلاف لابنگ ڪئي. عمران خان عدالت ۾ چيو ته جنرل باجوا سان ملاقات لاءِ ٽه رڪني ڪاميٽي ٺاهي، ڪاميٽي ۾ اسد عمر، شاهه محمود قريشي ۽ پرويز خٽڪ شامل هئا. جنرل باجوا ڪاميٽي کي چيو ته منهنجو رخ ٺيڪ ڪيو، ٻي صورت ۾ 12 سالن لاءِ اندر ويندا، اڳوڻي وزيراعظم چيو ته روس کان واپس آيس ته شاهه محمود قريشي مون کي سائفر پيغام کان آگاهه ڪيو، ان دوران منهنجون باجوا سان کوڙ ملاقاتون ٿيون. جنهن ۾ باجوا کي چيو ته جيڪڏهن حڪومت ڪيرائي ته پاڪستاني معشيت ٻڏي ويندي ۽ سياسي عدم استحڪام ايندڙ حڪومت نه سنڀالي سگهندي، پي ٽي آءِ باني چيو ته جلسي ۾ جيڪا ڪاپي ڏيکاري اها سائفر جي پيرا فريز ڪاپي هئي. 22 آگسٽ تي ايوان صدر ۾ منهنجي جنرل باجوا سان ٻيهر ملاقات ٿي، جنهن ۾ جنرل باجوا چيو ته سائفر تي نه ڳالهايو، جنرل باجوا چيو ته مير جعفر، مير صادق چوڻ ڇڏي ڏيو، باجوا چيو ته توهان جي مٿان آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ لاڳو ٿيندو.