نگران وفاقي ڪابينا کي ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪرڻ جو آئيني اختيار ناهي: ساڃاهه وند

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي سول سوسائٽي جي نمائندن، اديبن، آبادگارن ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن انڊس ريور سسٽم اٿارٽي(ارسا) جي ايڪٽ ۾ غير آئيني ترميم تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان کي وفاقي حڪومت جي ڪنٽرول هيٺ آڻڻ واري عمل کي آئين جي خلاف ورزي قرار ڏنو آهي. ڪالهه نامياري ليکڪه نورالهدي شاهه، هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن حيدرآباد جي  صدر يوسف لغاري، ٽيڪنوڪريٽ فضل الله قريشي،  نامياري ليکڪ نصير ميمڻ، جامي چانڊيو، پروفيسر امداد چانڊيو، منور ميمڻ، امر سنڌو، عرفانه ملاح، پروفيسر مشتاق ميراڻي، انيس هارون، حميرا رحمان، بئريسٽر ضمير گهمرو، فيض صديقي، نواب نور احمد ٽالپر، سهيل سانگي، ايڊووڪيٽ قلندر بخش، ريحانه نظير، شازيه نظاماڻي، شهنيلا زرداري، پروفيسر عبدالمجيد چانڊيو، انيتا پنجاني، اسلم خواجا، رتحانه شيخ، سهيل صديقي، ڊاڪٽر حسين مسرت، روزينا جوڻيجو، ناضر محمود ۽ ٻين جاري ڪيل گڏيل پڌرائي ۾ چيو آهي ته وفاقي ڪابينا کي ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪرڻ جو آئيني اختيار ناهي، آرٽيڪل 154 ۽ 155 تحت ارسا گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو موضوع آهي ان ڪري ارسا جي معاملن تي وفاقي ڪابينا جو ڪو به آئيني اختيار ناهي، بيان ۾ افسوس جو اظهار ڪيو ويو ته ان ترميم ذريعي وفاقي حڪومت پنهنجي حاضر سروس يا رٽائرڊ بيوروڪريٽ کي ارسا جو چيئرمين مقرر ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي. هن وقت سڀني صوبن جي ارسا جي ميمبر واري بنياد تي چيئرمين ارسا مقرر ڪيو ويو آهي، جيتوڻيڪ ارسا اڳ ۾ ئي ڪيترن ئي نامناسب فيصلن ذريعي سنڌ جي پاڻي جي حقن تي ڌاڙو هڻي رهي آهي، ارسا پاران پاڻي جي ورهاست کي پاڻي جي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي ۽ ان کي وفاقي حڪومت جي سڌي ڪنٽرول هيٺ آڻڻ سان سنڌ کي پاڻي جي حصي کان وڌيڪ محروم ڪيو ويندو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ارسا تازو ئي چولستان اسڪيم لاءِ پاڻي جي دستيابي جي اين او سي جاري ڪئي آهي جيڪا صوبائي حقن جي مڪمل ڀڃڪڙي آهي ڇو ته ارسا اهڙي بي بنياد او سي جاري ڪرڻ کان اڳ صوبن سان مشاورت نه ڪئي، جڏهن ته عام سال جو وهڪرو صوبن جي موجوده ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪافي ناهي. هڪ ڀيرو اهڙي اسڪيم ٺهي ته پنجاب پاڻي جي باقاعدي فراهمي جي دعويٰ ڪندو ۽ اهو سنڌ جو پاڻي گھڻي وهڪري جي سالن ۾ پاڻ کڻت ڪندو. ساڃاهه وندن چيو ته ارسا جي جوڙجڪ صوبن جي ميمبرن کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ ڪئي پئي وڃي ۽ پاڻي جي دستيابي جو سرٽيفڪيٽ صوبن جي اڳواٽ اجازت کانسواءِ جاري ڪيو ويو. ارسا پنهنجي آئيني حدن جي ڀڃڪڙي ڪندي پاڻي ۽ بجلي واري وزارت کي بحالي جي تجويز موڪلي، جڏهن ته وفاقي ڪابينا ارسا جا معاملا کڻي آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، جيڪو اصل ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل سي سي آئي جي دائري ۾ آهي. بيان ۾ نگران حڪومت جي اهڙن حساس معاملن تي فيصلا ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ويو ته نگران حڪومت کي آئيني ۽ پاليسي معاملن تي فيصلا ڪرڻ جو ڪو حق ناهي. ان کي گهرجي ته پنهنجو ڪردار صرف چونڊون ڪرائڻ تائين محدود ڪري ۽ اهي سمورا معاملا پاڪستان جي عوام جي مينڊيٽ سان چونڊيل حڪومتن تي ڇڏي وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.