اسلام آباد(م ڊ) پ پ جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ملڪ ڏکين حالتن مان گذري رهيو آهي پر اسان اقتدار ۾ اچي ملڪ کي ڏکين حالتن مان ڪڍنداسين، اسلا آباد ۾ ويٺل ماڻهو ڪهوٽا جي حالتن کان بي خبر آهن، پ پ اقتدار ۾ اچي پاڪستان کي ٻيهر تبديل ڪري ڏيکاريندي، ڪهوٽا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته هتي روڊ ،ميڊيڪل ڪاليج ۽ يونيورسٽي به ٺاهينداسين، اسان کي خبر آهي ته ملڪ کي مشڪل حالتن مان ڪيئن ڪڍيو وڃي.هوڏانهن پي ٽي آءِ اڳواڻ غلام مرتضيٰ ستي آصف علي زرداري سان اسلام آباد ۾ ملاقات ڪري ساٿين سميت پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو