اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي سائيفر ڪيس ۾ سزا چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، تحريڪ انصاف جي طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي جي سزائن کي رد ڪيون ٿا ۽ ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي خلاف اعليٰ عدليه سان رابطو ڪيو ويندو، عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي، ٻئي پاسي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بئرسٽر گوهر چيو ته سائيفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي باني ۽ شاهه محمود قريشي خلاف قانون ۽ آئين کان هٽي ڪري فيصلو ٻڌايو ويو، هن چيو ته هنن پي ٽي آءِ باني کي موت جي سزا ٻڌائڻ پئي چاهي پر عوام جي خوف کان ان سزا کي 10 سال قيد تائين محدود ڪيو ويو آهي، اسان جو ڌيان اليڪشن تان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، 8 فيبروري تي سڀني جو احتساب ٿيندو، هن چيو ته پي ٽي آءِ جا ڪارڪن ۽ همدرد صبر جو مظاهرو ڪندي پرامن احتجاج ڪن، هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ مان انصاف ملڻ جي اميد آهي