ڪراچي (رپورٽر) پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ايم ڪيو ايم وارن پيپلزپارٽي جا جهنڊا ۽ بينر لاهي ساڙيا آهن. بلاول هائوس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ پيپلزپارٽي ۾ ڇڪتاڻ جي حوالي سان متحدھ قومي موومينٽ پاڪستان جو اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال سرِ عام ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.هن چيو تھ ٽي ڏينهن اڳ گلستان جوهر ۾ ايم ڪيو ايم وارن پيپلزپارٽي جي گڏجاڻي تي پڻ حملو ڪري ماڻهن کي ڌمڪايو ۽ مصطفيٰ ڪمال سرِ عام ڌمڪيون ڏيندي چئي ٿو تھ ويڙهه ۾ اسان کان ڪير به ڏاڍو ناھي، جڏھن تھ پيپلزپارٽي رتوڇاڻ واري سياست تي يقين نه ٿي رکي.