مڇ ۾ سيڪيورٽي فورسز پاران دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائڻ جي دعويٰ

بولان ( م ڊ ) مڇ ۾ سيڪيورٽي فورسز پاران دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. سڪيورٽي فورسز کي دهشتگردن جي حملي جي اڳ ۾ ئي اطلاع ملي هئي، جنهن کانپوءِ سڪيورٽي  فورسز دهشتگردن جي ڳولا لاءِ ناڪابندي ڪئي هئي. سڪيورٽي فورسز جي ڀرپور جوابي ڪارروائي جي نتيجي ۾ دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻايو ويو. ٻئي پاسي نگران سڌ سماءَ واري صوبائي وزير جان اچڪزئي چيو آهي ته شروعاتي اطلاعن موجب جبلن مان ڪجهه راڪيٽ فائر ڪيا ويا آهن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا الرٽ آهن، واقعي ۾ ڪنهن به جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو. واقعي جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي تمام گهڻيون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، سوشل ميڊيا تي جيڪي به ڳالهيون ڪيون پيون وڃن ان ۾ ڪا به سچائي ناهي، سڪيورٽي ادارا الرٽ آهن ۽ سموري صورتحال ڪنٽرول هيٺ آهي. هوڏانهن مڇ سميت ڪوئيٽا جي سمورين اسپتالن ۽ ٽراما سينٽر ۾ سڪيورٽي لاڳو ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.