ايپل طرفان آءِ فونز لاءِ آپريٽنگ سسٽم نمايان حد تائين تبديل ڪرڻ جو تياريون شروع ڪيون ويون آهن.
بلومبرگ جي هڪ رپورٽ موجب، ايپل طرفان آءِ فون لاءِ نئين آپريٽنگ سسٽم آءِ او ايس 18 ۾ تمام وڏي سافٽ ويئر اپ ڊيٽس ڪئي ويندي.
انهن منجهان هڪ اپ ڊيٽ رچ ڪميونيڪيشن سروسز ( آر سي ايس ) سپورٽ بابت آهي.
ايپل طرفان پهريان ئي اعلان ڪيو ويو هو ته 2024ع ۾ آءِ فونز لاءِ آر سي ايس سپورٽ متعارف ڪرائي ويندي ته جيئن آءِ او ايس ۽ اينڊرائيڊ فونز ۾ ڪراس پليٽ فارم ميسجنگ جو تجربو بهتر ٿي سگهي.
آر سي ايس سپورٽ ذريعي واهپيدار ايس ايم ايس ميسجز ۾ گروپ چيٽس، ريڊر رسيپٽس، لوڪيشن شيئرنگ، واءِ فاءِ تي ميسجنگ ۽ ميڊيا فائلز شيئرنگ جهڙا فيچرز به استعمال ڪري سگهندا.
آءِ فونز جي ڊجيٽل اسسٽنٽ Siri لاءِ هٿرادو ذهانت ( اي آءِ ) فيچرز جوواڌارو به آءِ او ايس 18 ۾ ڪيو ويندو.
ان مقصد لاءِ اپيل طرفان پنهنجو لارج لينگوئج ماڊل تيار ڪيو پيو وڃي ته جيئن Siri ۽ ٻين ايپس ۾ اي آءِ فيچرز واهپيدار استعمال ڪري سگهن.
ان فيچرز ذريعي واهپيدار پنهنجي سوالن جا جواب حاصل ڪري سگهندا جڏهن ته ٻيا کوڙ سارا ڪم مدد ملندي.
ايپل طرفان ايپل ميوزڪ، پيجز، ڪي نوٽ، شارٽ ڪٽس ۽ ايڪس ڪوڊ لاءِ پڻ اي آءِ فيچرز متعارف ڪرائڻ جو امڪان آهي.
واضح رهي ته ايپل طرفان آءِ او ايس 18 جون ۾ سالياني ڊيولپرز ڪانفرنس دوران متعارف ڪرايو ويندو، پر عام واهپيدارن لاءِ نئون آپريٽنگ ڪيستائين دستياب ٿيندو ان بابت تفصيل سامهون ناهن اچي سگهيا.
Prev Post
Next Post
You might also like