شهباز شريف جو بلاول ڀٽو زرداري کي جواب

راجن پور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر شهباز شريف نالو کڻڻ بنا پ پ چيئرمين جي چئلينج جو جواب ڏئي ڇڏيو.
راجن پور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته جڏهن ٻوڏ آئي ته راجن پور جي عوام جي خدمت لاءِ آيو هيس، ٻوڏ سان ايتري تباهي ڪڏهن نه ڏٺي هئي، اڄ ڪو ٿورو ڪرڻ ناهيان آيو.
هن نالو کڻڻ بنا بلاول کي جواب ڏنو ته ڊي ايڇ ڪيو اسپتال راجن پور جي ٻئي صوبي جي ڪنهن به اسپتال سان ڀيٽ ڪيو، فيصلو ٿي ويندو.
شهباز شريف پي ٽي آءِ تي به تنقيد ڪئي ۽ چيو ته اها چار سال ڌاڳي ڦيڻي ۾ لڳل رهيا ۽ ڪو ڪم نه ڪيو، نواز شريف ئي ملڪي مسئلا حل ڪري سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.