همراهه هلندڙ ٽرين اڳيان اچي آپگهات ڪري ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي تخت گاهه نئين دهلي ۾ 30 ورهين جي شخص آءِ اين اي ميٽرو اسٽيشن تي هلندڙ ٽرين سامهون اچي آپگهات ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب افسوسناڪ واقعو ٻه ڏينهن اڳ پيش آيو، جتي اجيتيش سنگهه نالي شخص هلندڙ ٽرين اڳيان اچي ويو، ان دوران سي سي ٽي وي ڪئميرائن ۾ اهڙا منظر رڪارڊ ٿي ويا.
واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس پهچي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ روانو ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته اجيتيش جي آپگهات جو سبب خبر ناهي پئجي سگهيو، ان حوالي سان جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.