گجرات وڳوڙن ۾ گهر وڃائيندڙ منور فاروقي بِگ باس جو فاتح بڻجي ويو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) نوجوان نسل ۾ مقبول ڀارتي اسٽينڊ اپ ڪاميڊين منور فاروقيءَ رئيليٽي شو بِگ باس 17 جو ٽائٽل کٽي ورتو جڏهن ته اڀيشيڪ ڪمار رنر اپ رهيو.
بِگ باس 17 جو ٽائٽل کٽڻ تي منور فاروقيءَ کي پنجاهه لک رُپيا، هڪ ڪار ۽ ٽرافي ملي.
بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان جي ميزباني هيٺ هلندڙ رئيليٽي شو بِگ باس جو 17 سيزن آڪٽوبر 2023ع کان شروع ٿيو جنهن ۾ انڪيتا لوکنڊي، اڀيشيڪ ڪمار، منور فاروقي، منارا چوپڙا ۽ ارون ماشيٽي شو جي ٽاپ فائيو اميدوارن جي ڊوڙ ۾ شامل هئا.
فاتح جي ڊوڙ مان ٻاهر ٿيندڙ منارا چوپڙا کي شو مان ڪڍيو ويو جڏهن ته شو ۾ سندس سفر لاهن چاڙهن سان ڀرپور رهيو، ڪيئي ڀيرا کيس ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پيو پر پوءِ به منارا ٽاپ فائيو ۾ جاءِ ٺاهي ورتي هئي.
بِگ باس 17 ۾ منور جي سفر بابت ڳالهائيندي مقابلي ۾ شامل ۽ سلمان خان به سندس راند کي بيزار ڪندڙ قرار ڏنو هو.
ان ڏس ۾ منور چيو هو ته هو پنهنجي زندگي ۾ هڪ پرسڪون انسان آهي جيڪو رڙيون ڪرڻ بدران پرسڪون انداز ۾ حالتن جو مقابلو ڪرڻ کي ترجيح ڏيندو آهي.
بِگ باس جي ٽاپ فائيو فائنلسٽ انڪيتا لوکنڊي، اڀيشيڪ ڪمار، منور فاروقي، منارا چوپڙا ۽ اورن ماشيٽي رهيا، جنهن ۾ منور ۽ اڀيشيڪ ٽاپ ٽو ۾ پهتا جڏهن ته منور سيزن جي ٽرافي پنهنجي نالي ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.